Friday , April 19 2024

پاڪستان پاران امن جو پيغام، گرفتار ڀارتي پائليٽ کي آزاد ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان خطي جي امن لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر قدم وڌائيندي گرفتار ڪيل ڀارتي ايئرفورس جي پائليٽ کي آزاد ڪري ڀارت حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمران خان اهڙُ اعلان ڪندي چيو آهي ته، ڀارتي پائليٽ کي امن جي پيغام طور آزاد ڪري ڀارت حوالي ڪيو ويندو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان پاران گرفتار ڪيل ڀارتي پائليٽ اڀي نندن کي آزاد ڪري واپس کيس سندس ملڪ جي اختيارين حوالي ڪري ڇڏينداسين. عمران خان چيو ته، پاڪستان امن چاهي ٿو پر اسان جي ڳالهين ۽ امن جي ڪوششن کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. هن چيو ڀارت امن لاءِ هڪ وک وڌائي ته اسان ٻه وکون وڌائينداسين. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته، پلواما واقعي کانپوءِ ڀارت جاچ کانسواءِ الزام هنيا.

عمران خان چيو ته وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ ڀارت کي امن جو پيغام ڏنو پر هاڪاري موٽ نه ملي آهي. هن چيو ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ غربت ننڍي کنڊ ۾ آهي، منهنجو ويزن آهي ته ڪو اهڙو ملڪ ترقي نه ڪندو آهي، جتي سڀ کان وڌيڪ غربت هجي. سندس چوڻ هو ته ڀارت پلواما حملي کانپوءِ شاهديون پيش ڪرڻ بدران جنگ جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي، موجوده صورتحال ۾ سموري پاڪستاني قوم متحد آهي. وزيراعظم چيو ته سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ گهرجن، پاڪستان جي ميڊيا ڀارتي ميڊيا جي ڀيٽ ۾ ذميواري وارو ڪردار ادا ڪيو آهي، ڀارت طرفان سرحدي ڀڃڪڙي کانپوءِ فوجي قيادت سان گڏجي جوابي ڪارروائي ڪئي ۽ ٻڌايو ته اسان وٽ ڀارت کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت آهي. هن چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان فون تي رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڳالهه اڳتي وڌڻ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ ناهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *