Friday , April 26 2024

پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اعليٰ ايوان سينٽ جو آزاد اميدوار صادق سنجراڻي چيئرمين چونڊجي ويو

اسلام آباد ( خاص نمائندو     سنڌسماءَچار) پاڪستان جي اعليٰ ايوان سينيٽ آف پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو، آزاد اميدوار سينيٽ چيئرمين چونڊجي ويو آهي، آزاد حيثيت ۾ بلوچستان مان چونڊيل صادق سنجراڻي 57 ووٽ حاصل ڪري سينيٽ چيئرمين چونڊجي ويو، پ پ جو سليم مانڊوي والا 54 ووٽ کڻي ڊپٽي چيئرمين ڪامياب ٿي ويو آهي. سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپتي چيئرمين جي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ جو گڏيل حمايت يافته اميدوار صادق سنجراڻي 57 ووٽ حاصل ڪري بلوچستان سان تعلق رکندڙ پهريون سينيٽ چيئرمين بڻجي ويو آهي، سندس مقابلي ۾ مخالف ن ليگ اميدوار راجا ظفر الحق رڳو47 ووٽ کڻي سگهيو، صادق سنجراڻي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. صدر ممنون حسين پاران مقرر ڪيل پريزائيڊنگ آفيسر سردار يعقوب حسين جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڳجهي ووٽنگ ذريعي سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ٿي. ملڪ جي اعليٰ ايوان ۾ سمورن سينيٽرز چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين لاءِ پنهنجي پنهنجي اميدوار کي ووٽ ڏنو جڏهن ته پريزائيڊنگ آفيسر سردار يعقوب ناصر آخر ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ووٽن جي ڳڻپ بعد سردار يعقوب بلوچستان سان تعلق رکندڙ آزاد اميدوار صادق سنجراڻي جي سينيٽ چيئرمين طور ڪاميابي جو اعلان ڪيو.

 

پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي گڏيل حمايت يافته اميدوار صادق سنجراڻي 57 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته سندس مخالف نون ليگ ۽ اتحادين جو اميدوار راجا ظفر الحق رڳو 46 ووٽ کڻي سگهيو. پريزائيڊنگ آفيسر سردار يعقوب ناصر، صادق سنجراڻي جي ڪاميابي جو اعلان ڪندي چيو ته سينيٽ چيئرمين لاءِ ڪل 103 ووٽ ڪاسٽ ٿيا، جيڪي درست قرار ڏنا ويا آهن، جن مان صادق سنجراڻي 57 ووٽ حاصل ڪيا آهن. نون ليگ ۽ ان جي اتحادين جي نامزد اميدوار راجا ظفر الحق کي نيشنل پارٽي، پشتونخوا ملي عوامي پارٽي، ف ليگ، جماعت اسلامي ۽ فاٽا جي ٻن آزاد سينيٽرز جي حمايت حاصل هئي. نئين چونڊيل سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي ڪاميابي بعد پريزائيڊنگ آفيسر سردار يعقوب حلف کڻايو. صادق سنجراڻي حلف کڻڻ بعد پنهنجو عهدو سنڀاليو جنهن جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ٿي.

پاڪستان جي مٿين ايوان سينيٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آهي جو سينيٽ جي چيئرمين جو ڪنهن به پارٽي سان واسطو ناهي. سينيٽ جو نئون چيونڊيل چيئرمين محمد صادق سنجراڻي آزاد پئنل طور چيئرمين جي لاءِ مقابلو ڪيو.

پيپلز پارٽي جو نامزد ۽ پي ٽي آءِ جو حمايت يافتا سليم مانڊوي والا ڊپٽي چيئرمين چونڊجي ويو

ڊپٽي چيئرمين سينيٽ لاءِ پ پ جو سليم مانڊوي والا پي ٽي آءِ ۽ بلوچستان مان آزاد حيثيت ۾ چونڊيل سينيٽرز جي حمايت سان 54 ووٽ حاصل ڪري سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين چونڊجي ويو آهي. سندس مخالف نون ليگ جو حمايت يافته اميدوار عثمان ڪاڪڙ 44 ووٽ کڻي. سينيٽ چيئرمين جي چونڊ بعد نئين چونڊيل چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ  سينيٽ جي اجلاس ۾ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ٿي. ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ بعد چيئرمين صادق سنجراڻي پ پ جي سليم مانڊوي والا جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو، جنهن بعد ايوان پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ جي نعرن سان گونجي اٿيو. ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ۾ پ پ جي سليم مانڊوي والا کي 54 ووٽ مليا جڏهن ته سندس مخالف پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جو اميدوار عثمان ڪاڪڙ رڳو 44 وٽ کڻي سگهيو. ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ بعد چيئرمين صادق سنجراڻي سليم مانڊوي والا کي پنهنجي عهدي جو قسم کڻايو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *