Friday , March 29 2024

ويهه سالن جي ويڙهه کانپوءِ  نيٺ افغان طالبان ۽ آمريڪا جو ٺاهه ٿي ويو

افغان طالبان افغانستان جي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال نه ڪندا ۽ نه ئي ڪرڻ ڏيندا

گرفتار سمورا طالبان آزاد ٿيندا، آمريڪا پنهنجي فوج 14 مهينن  اندر مڪمل طور واپس گهرائيندو

ويهه سالن جي ويڙهه کانپوءِ  نيٺ افغان طالبان ۽ آمريڪا جو ٺاهه ٿي ويو

دوحا ( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) روس خلاف افغان جهاد جي نالي تي گڏ رهڻ ۽ نائين اليون واقعي کانپوءِ هڪٻئي جا دشمن بڻجي ويل طالبان(افغان) ۽ آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر هڪٻئي سان دوستاڻو هٿ ملائي ڇڏيو آهي، قطر جي گادي واري شهر دوحا ۾ ٻنهي ڌرين وچ ۾ افغان امن معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، معاهدي تحت افغان طالبان افغانستان جي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال نه ڪندا ۽ آمريڪا پنهنجون فوجون واپس گهرائي گرفتار طالبان آزاد ڪندو. گذريل ڏيڍ سال کان وڌيڪ عرصي کان آمريڪا ۽ افغان طالبان وچ ۾ هلندڙ امن ڳالهين جي ڪاميابي کانپوءِ دوحا ۾ نيٺ امن معاهدو ٿي ويو آهي، افغانستان بابت آمريڪي نمائندي زلمي خليل زاد ۽ افغان طالبان جي اڳواڻ ملا عبدالغني برادر معهدي تي صحيحون ڪيون.

ڳالهين کان معاهدي تي صحيحن تائين جي ميزباني وارو ڪردار قطر ادا ڪيو، ٻنهي ڌُرين وچ ۾ ٺاهه تي صحيحن لاءِ ٿيل تقريب ۾ پاڪستاني پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سوڌو 50 ملڪن جا پرڏيهي وزير ۽ ٻيا نمائندا شريڪ ٿيا. معاهدي کانپوءِ آمريڪا افغانستان مان پنهنجون فوجون مرحليوار واپس گهرائيندو ۽ 14 مهينن ندر مڪمل طور تي آمريڪي فوجون افغانستان خالي ڪري وينديون. معاهدي ۾ اهو به طئي ڪيو ويو آهي ته آمريڪا توڙي افغان حڪومت پاران گرفتار ڪيل افغان طالبان جا گرفتار ڪيل سمورا ماڻهو به مرحليوار آزاد ڪيا ويندا، افغان امن معاهدي تحت افغان طالبان اها به خاطري ڪرائي آهي ته اُهي افغانستان جي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال نه ڪندا ۽ نه ئي ڪرڻ ڏيندا. امريڪا ۽ طالبان وچ ۾ معاهدي کانپوءِ نيٺ ڊگهي جنگ پڄاڻي تي پهچندي. معاهدي تي صحيحن کانپوءِ طالبان اڳواڻ ملا برادر ۽ امريڪي ايلچي زلمي خليل زاد هٿ به ملايو.

Friends Plz like/ follow official FB Page of our news website سنڌسماءَچار  for news updates thanks

click on the given link

https://www.facebook.com/sindhsamaacharcom-240050429723966/

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *