Tuesday , April 16 2024

وفاق پاران صوبن جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ وارو عمل قبول ناهي: مولانا فضل الرحمان

ٻيٽ صوبي جي ملڪيت آهن، انهن تي قبضو ڪري وفاقي حڪومت جي انتظام هيٺ آڻڻ کي قبول نه ٿا ڪيون: پي ڊي ايم سربراهه

ٻيٽن بابت قانون سازي واري معاملي تي پي ڊي ايم پاران جلد گڏيل لائحه عمل جو اعلان ڪنداسين: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان

گجرانوالا ( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته، اوهان آئين خلاف قدم کڻي صوبن جي ساحلي زمينن ۽ ٻيٽڻ تي قبضو ڪري رهيا آهيو ۽ انهن بابت قانون سازي ڪري وفاق جو حصو بڻائڻ چاهيو ٿا. گجرانوالا ۾ پي ڊي ايم جي پهرين سياسي طاقت جي مظاهري طور ڪيل جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته، اسان ائين ڪرڻ نه ڏينداسين، اوهان کي صوبن جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ جي جازت نه ٿي ڏئي سگهجي، ٻيٽ صوبي جي ملڪيت آهن، انهن تي وفاقي حڪومت پاران قبضي ڪرڻ واري معاملي کي پي ڊي ايم باقائدا حڪمت عملي جوڙيندي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان پي ڊي ايم جي پليٽفارم تان واضح ڪيون ٿا ته سامونڊي حدون صوبن جي ملڪيت آهن، صوبن جي حقن تي ڌاڙو ارڙهين ترميم تي ڌاڙو آهي. فضل الرحمان چيو ته گلگت بلتستان کي صوبو بڻائي ڇا اوهان ڀارت پاران والاريل ڪشمير بابت ڪيل فيصلي جي تائيد نه ڪري رهيا آهيو؟ اسان اڄ به گلگت بلتستان کي پاڪستان جو حصو سمجهون ٿا، اوهان جون اهڙيون سازشون ڪامياب ٿيڻ نه ڏبيون، ڇا اساسن جيڪو 1949 ۾ نقشو جمع ڪرايو هو ان ۾ گلگت بلتستان شامل نه هو؟ مولانا چيو ته حڪمرانن کي گهر موڪلڻ جو وقت ويجهو اچي ويو آهن، هنن جي ابتي ڳڻپ  شروع ٿي چڪي آهي، هاڻي گجرانوالا کانپوءِ اسان ڪراچي اچي رهيا آهيون، اسان جي  اسلام آباد پهچڻ تائين هي چوري جي ووٽن تي ٿيل حڪمران گهر هليا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *