Thursday , April 25 2024

وفاقي حڪومت پاران پهرين جون کان ٻيهر لاڪ ڊائون جو امڪان

 اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) رمضان لامبارڪ جي آخري ڏهي دوران لاڪ ڊائون ختم ڪري ملڪ ۾ سمورا خريداري مرڪز کولڻ واري فيصلي کانپوءِ ڪرونا وائرس جي تيزي سان پکڙجڻ کانپوءِ وفاقي سرڪار پريشانين جي ور چڙهي وئي آهي، وفاقي حڪومت پاراان ملڪ ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون تي ويچاريو پيو وڃي، امڪان آهي ته پهرين جون کان ٻيهر لاڪ ڊائون لڳايو وڃي. وزيراعظم جي خصوصي معاون ظفر مرزا به ان ڳالهه جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ظفر مراز جو چوڻ آهي ته عيد جي موقعي تي ايس او پيز تي عملدرآمد ٿيندي نظر نه پيو اچي، عوام تمام گهڻي بي احتياطي ڪري رهيو آهي، جنهن ڪري ان جي ڪري عيد جي فوري بعد حڪومت ان صورتحال جو نئين سر جائزو وٺندي ۽ اسان کي ايس او پيز تي عمل ٿيندي نظر نه آيو ته لاڪ ڊائون جي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، هن چيو ته پاڪستاني شايد سمجهي رهيا آهن ته ڪورونا وائرس صرف عيد تائين هو، خصوصي معاون جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو ته بيماري پکڙجي ويندي ۽ لاڪ ڊائون جي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، هن جو چوڻ هو ته احتياطي تدبيرون اختيار نه ڪيون ويون ته بحران پيدا ٿي سگهي ٿو، ايندڙ ڏينهن ۾ فوتين ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي، عوام بيماري کي روڪڻ جو سبب بڻجي، پکيڙڻ جو سبب نه بڻجي، هن چيو ته ڪورونا وائرس تيزي سان وڌي رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *