Saturday , April 20 2024

هڪ سال دوران وفاقي وزارتن ۾ 58 کرب رپين جي بيضابطگين جو انڪشاف

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت جي انتظامين هيٺ هلندڙ 44 وزارتن، اٿارٽيز ۽ ڪارپوريشنز ۾ 58 ارب رپين جي مالي بيضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي، اڪائونٽنٽ جنرل آف پاڪستان (اي جِي پي) جي آڊٽ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، مالي سال 2017- 2018 صرف هڪ سال ۾ قومي خزاني کي حڪومتي پاليسين ۽ بدانتظامي سبب کربين رپين جو مالي نقصان ٿيو آهي. اڪائونٽنٽ جنرل آف پاڪستان جي آڊٽ رپورٽ مطابق   هلندڙ مالي سال دوران وفاقي وزارتن، کاتن ۽ اٿارٽيز/ڪارپوريشنز تي گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ هن سال تمام گهڻا اعتراض اٿاريا ويا، سال 2016-2017 جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري 87 سيڪڙو وڌيڪ اعتراض سامهون آيا. گذريل سال ساڳيا معاملا 35 وفاقي کاتن ۾ 31 کرب 20 ارب ريپين جي ماليت جا هئا، جنه مان ثابت ٿئي ٿو ته سرڪاري رقمن / فنڊز جا مالي ضابطه بهتر ٿيڻ بدران وڌيڪ خراب ٿيا آهن. هڪ رپورٽ مطابق آڊيٽر جنرل پاران ان سلسلي ۾ 60 وفاقي کاتن مان 44 جي سرڪاري فنڊز جو جائزو ورتو ويو، انهن ادارن ۾ 10 لک ۽ ان کان گهٽ جي خرچن کي هنن انگن اکرن ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، لڳ ڀڳ 69 ارب 40 ڪروڙ رپين جون وصوليون ڪري واپس سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايپڌون ويون آهن. آڊيٽر جنرل پاران اهڙي رپورٽ صدر عارف علوي کي اماڻي وئي آهي، ان سان گڏ اها ساڳئي رپورٽ پارليامينٽ ۾ به پيش ڪئي وئي آهي جيڪا هڪ آئيني ۽ قانوني گهرج پڻ آهي. رپورٽ ۾ اهڙن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *