Thursday , April 18 2024

هي اٿؤ اسان جي سنڌ: ڪاڇي ۾ ماءُ ۽ پٽ اُڃ وگهي فوت

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي اباڻي ضلعي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ معصوم نينگر ۽ سندس امڙ اُڃ وگهي تڙپي تڙپي دَمُ ڏنو

ميهڙ (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سنڌ جي وڏي وزير سيد سيد مراد علي شاهه جي اباڻي ضلعي دادو جي ڪاڇي واري علائقي ۾ رستو ڀلجي ويل عورت 3 ورهين جي پٽ سميت اُڃ وگهي تڙپي تڙپي زندگي جي جنگ هارائي ويا، ڊاڪٽرن به ٻنهي جي موت جو ڪارڻ اُڃ سبب ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، سندن تدفين ۾ ڪنهن به چونڊيل نمائندي شرڪت نه ڪئي، مڙهه آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي اباڻي ضلعي دادو جي ڪاڇي واري علائقي جي ڳوٺ نئن ٻوري واسڻ 45 سالن جي عورت سبحان خاتون ۽ سندس ٽن سالن جو اُبهم پٽ رستو ڀلجي رڻ ۾ رُلي اُڃ وگهي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا، جن جا مڙهه هڪ ڏينهن دير سان هٿ ڪيا ويا. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم ۾ ظاهر ٿيو آهي ته ماءُ پٽ اڃ وگهي فوت ٿيا آهن. ٻئي طرف ميھڙ ۽ ڪي اين شاهه تعلقن جي 3 ٿاڻن فريدآباد، شاھ گودڙيو ۽ ماڏو پوليس اڃان به حد تڪرار ڄاڻائي پنهنجي سستي لاپرواهي، غفلت لڪائڻ ۾ پوري آهي.

ڪاڇي ۾ 2 ڏينهن اڳ اڃ وگهي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويل ڳوٺ ٻوري جي رھواسي عورت 45 ورهين جي سبحان خاتون زال الهه بخش چانڊيو ۽ سندس 3 ورهين جي معصوم پٽ واجد جا لاش گذريل رات دير سان ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳوٺ ٻوري کڻي آيا جڏھن ته ميڊيا ۾ پوليس جي غفلت، لاپرواهي ۽ حدبندي جي تڪرار جون خبرون لڳڻ بعد شاهه گودڙيو پوليس صبح سوير ڄاڻايل ڳوٺ پھچي لاش بنا پوسٽ مارٽم جي وارثن کي دفنائڻ نه ڏنا، جڏھن ته وارثن جو چوڻ ھو ته اسان جي عورت ۽ معصوم نينگر ڪاڇي واري علائقي ۾ پوکيل جوار جي مالڪي ۽ جهار هڪلڻ ويندي ھئي جيڪا واري جو طوفان لڳڻ سبب ڳوٺ جو رستو ڀلجي وئي ڳوٺ جو رستو ٻني کان ڏکڻ پاسي آهي پر ھو اتر طرف ڀلجي وئي. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته، واپسي تي سبحان خاتون جو رستي ۾ پاڻي کٽي وڃڻ سبب پھرين معصوم پٽ فوت ٿيو جنهن بعد معصوم ٻار جي امڙ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، جنهن بعد پوليس لاش وارثن سان گڏجي پوسٽ مارٽم لاءِ ميھڙ کڻائي آئي جتان سندن پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.

لاشن جي ملڻ واري اطلاع تي فريد آباد سميت ٽن ٿاڻن جي پوليس سڄو ڏينهن صرف ان ڳالهه ۾ وڃائي ڇڏيو ته اها حد سندن ناهي، جنهن بعد خبرون ميڊيا تي اچڻ بعد ايس ايس پي دادو به ميدان ۾ لهي پيو، جنهن اهو هُل هلايو ته لاش نه مليا آحن پر سکڻو اطلاع آهي ۽ پوليس ٿاڻن جو حد تي به ڪو تڪرار ناهي. فريدآباد ايس ايڇ او محمد عالم ڀنگر جو چوڻ آهي ته حد اسان جي ناهي، ايس ايڇ او شاهه گودڙيو نظام الدين کنڊ جو چوڻ آهي ته واقعي واري حد اسان جي ناهي ان باوجود ايس ايس پي جي حڪم ۽ اطلاع ملڻ تي ڄاڻايل جاءِ تي پھچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيا آهن ٻي طرف ماڏو ٿاڻي جي وڏي منشي سان بار بار رابطو ڪرڻ تي ھن ٻڌايو ته واقعي واري جاءِ اسان جي حد ۾ نٿي اچي ۽ اھو علائقو اسان کان گهڻو پري آهي ۽ پوسٽ مارٽم به شاھ گودڙيو پوليس ڪرائي آهي البه فوتڻ جو ڳوٺ اسان جي حدن ۾ شامل آهي. ٻي طرف اڃ وگهي فوت ٿي ويل معصوم نينگر ۽ سندس ماء کي ڪاڇي جي اباڻي قبرستان شيخ نوتي ۾ سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *