Friday , April 19 2024

هاڻي خاموشي ٽوڙڻي پوندي پوءِ ڀلي کنڀيو ڇو نه وڃي: سينيٽ چيئرمين رضا رباني

لاڙڪاڻو/ڪراچي (خاص نمائندو   سنڌ سماءَ چار) هاڻي پاڪستان جنهن هنڌ تي بيٺو آهي ته اسان کي پنهنجي پراڻي جاءِ تي بيهڻ نه گهرجي، 40 سال اڳ جيڪا ڳالهه جنهن انداز ۾ چوندا هئاسين هاڻي ائين نه چئي سگهون ٿا ۽ نه ئي وري ماضي جيان ڪري سگهون ٿا. لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي ۾ مختلف تقريبن ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته هاڻي اسان کي خاموشي ٽوڙڻي پوندي، پوءِ ڀلي ڇو نه کنڀيو وڃي. قائداعظم جو تصور جمهوريت هئي پر ان تي آمريت کي نافذ ڪيو ويو.ڪراچي ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ عالمي اردو ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي ميان رضا رباني چيو ته 40 سال اڳ اسان جيڪا ڳالهه چئي سگھون پيا ۽ چوندا هئاسين اها هاڻي نه ٿا چئي سگھون. ان جو ثبوت اهو آهي ته مزاحمت وارو رستو ڇڏي چُڪا آهيون. سياسي ڪارڪنن، دانشورن ۽ سول سوسائٽي پاران جيڪو خال پيدا ڪيو آهي پوءِ ان جا سبب ڪهڙا به آهن پر ان جو نقصان ٿيو آهي. رضا رباني چيو ته آهستي آهستي قاعداعظم جو تصور اسان جي هٿن مان نڪري رهيو آهي. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته اسان ماضي کي ياد ڪري ويهي رهون ٿا يا ٻيهر مزاحمت طرف وينداسين.

هن چيو ته عوام ۾ شعور اچي رهيو آهي اسان کي گھرجي ته شعور کي اڳتي وٺي هلجي ڀلي ان عمل ۾ ڏکيائون پيش اچن. رضا رباني وڌيڪ چيو ته قاعداعظم جي جدوجهد اصل ۾ حقن جي جدوجهد هئي جيڪا بعد ۾ پاڪستان جي جدوجهد ۾ تبديل ٿي وئي. اسان کي پاڪستان جي وفاقيت کي مضبوط ڪرڻ گھرجي. قاعداعظم جي جدوجهد جو تصور صدارتي نه پر پارلياماني هو. هن چيو ته صدارتي نظام ۾ مرڪزيت قائم ٿي آهي ۽ صوبا محروم بڻيا آهن. اسان مذهب کي سياسي ايجنڊا طور اڳتي وڌڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي. هن چيو ته اسان جي جھنڊي ۾ اڇو رنگ اقليتن جي نشاندهي آهي، انهن جي حقن کي به پائمال ڪيو ويو اهو عمل به قاعداعظم جي سوچ جي برعڪس آهي. اڄ ان ڳالهه جو وچن ڪرڻ گھرجي ته ان غلطين ۽ ڪوتاهين کي مدِنظر رکي اڳتي وڌڻ گھرجي. چيئرمين سينيٽ ميان رضا رباني اڄ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظِر ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو، مرحومه بيگم نصرت ڀٽو ۽ مرحومه امير بيگم جي مزارن تي حاضري ڀري فاتح پڙهي ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 27 ڊسمبر پاڪستان جي ڏک جو ڏينهن آهي، ڏينهن تي ملڪ جي پهرئين چونڊيل خاتون وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪندي راولپنڊي ۾ شهيد ڪيو ويو، محترمه جي شهادت هڪ المناڪ واقعو هو، جنهن هن خطي جي تاريخ تي گهرا اثر ڇڏيا، محترمه کي انهن شهيد ڪيو، جيڪي پاڪستان کي مضبوط ۽ جمهوري ملڪ ڏسڻ نه پيا چاهين، جنهن جي ڪري اڄ هر ماڻهو غم زده آهي، هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي عالمي سازش تحت شهيد ڪيو ويو هو، هن چيو ته ڀٽو خاندان کي ڪنهن به دور ۾ انصاف نه مليو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *