Saturday , April 20 2024

ن ليگ جي عوامي خدمت جاري، پيٽرول ٻيهر ساڍا ٽي رپين کان وڌيڪ مهانگو ٿيڻ وارو

اسلام آباد (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) ن ليگ جي عوامي خدمت تيزي سان جاري آهي، پهرين مارچ کان هڪ ڀيرو وري پيٽروليم شين جا اگهه وڌايا پيا وڃن، آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي / اوگرا وزيراعظم کي صلاح ڏني آهي ته پيٽروليم شين جا گهه وڌايا وڃن. ان سلسلي ۾ اوگرا وزيراعظم کي هڪ سمري موڪلي آهي، جنهن ۾ کيس صلاح ڏني وئي آهي ته، پيٽرول جي قيمت ۾ 3 رپيا 56 في ليٽر، پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۾ 6 رپيا 94 پئسا، گاسليٽ ۾ 6 رپيا 28 پئسا في لٽر ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ رپيو في ليٽر واڌ ڪئي وڃي. حڪومت طرفان حتمي منظوري کانپوءِ نون اگهن جو اعلان اربع ڏينهن /اڄ شام تائين ڪيو ويندو، جنهن نڌجو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد اربع ۽ خميس جي وچ واري رات جو 12 وڳي کان نوان اگهه لاڳو ٿي ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *