Friday , March 29 2024

نيب آرڊيننس ختم ڪرڻ تي سنڌهاءِڪورٽ پاران سنڌ سرڪار ۽ وفاق کي نوٽيس جاري

سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب آرڊيننس 1999 جي خاتمي خلاف داخل درخواست تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت سميت نيب کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي، بئريسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته وفاقي قانون کي ختم ڪري صوبائي قانون آڻڻ آئين جي بنيادي اسڪيم خلاف آهي.

ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ فنڪشنل ليگ سميت 6 درخواستگذارن سنڌ ۾ نيب قانون کي ختم ڪرڻ واري صوبائي قانون کي سنڌ هائيڪورٽ ۾ چيلنج  ڪري ڇڏيو آهي. عدالت ڌرين جو موقف ٻڌڻ بعد اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ نيب جي پراسڪيوٽر نيب کي 16 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو.درخواستگذارن جي وڪيل بئريسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته وفاقي قانون کي ختم ڪري صوبائي قانون آڻڻ آئين جي بنيادي اسڪيم خلاف آهي، نئين قانون جو مقصد حڪمران جماعت جي ڪرپشن ۽ ڪرپٽ وزيرن کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي.

درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو آهي ته وفاقي قانون جي موجودگي باجود سنڌ سرڪار نيب قانون جو بل پاس  ڪري آئين جي آرٽيڪل 143 جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت اهڙي قدم سان پنهنجي اڳواڻن جي اربين رپين جي ڪرپشن لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنهن سبب ان قانون کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. درخواست داخل ڪرائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته سنڌ حڪومت جو نيب قانون ڪرپشن کي لڪائڻ جي سازش آهي، اهو ئي سبب آهي جو بل کي فوري طور پاس ڪرايو ويو. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ چيو ته ڪرپٽ حڪومت کي بچائڻ لاءِ نيب قانون 1999ع کي رد ڪري صوبائي حڪومت بل پاس ڪيو.

فاروق ستار چيو ته اميد آهي ته هن بل تي عملدرآمد کي روڪي وفاقي قانون تي عمل ڪرايو ويندو. نصرت سحر عباسي چيو آهي ته نيب جو خاتمو ڪرپشن کي  ڇوٽ ڏيڻ برابر آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *