Thursday , April 25 2024

نياڻي عصمت سان زيادتي بعد قتل جو چيف سيڪريٽري نوٽيس ورتو، ڊاڪٽر اياز عباسي گرفتار نه ٿيو

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار)  ڪراچي جي ڪورنگي گورنمينٽ اسپتال ۾ نياڻي عصمت سان ڊاڪٽر ۽ ٻين پاران اجتماعي ڏاڍائي بعد کيس زهر جي سُئي هڻي قتل ڪرڻ واري معاملي جو چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه نوٽيس وٺندي، مک جوابدار ڊاڪٽر اياز علي عباسي سميت الزام هيٺ آيل اسپتال جي سموري عملي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، گرفتار ڪيل 3 جوابدار جيل حوالي ڪيو ويو آهي. سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه 5 ڏينهن کانپوءِ نيٺ نياڻي عصمت سان ڏاڍائي ب عد کيس قتل ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي ورتو آهي. چيف سيڪريٽري چيو آهي ته، واقعو بدترين آهي، ملوث ماڻهن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. هن چيو ته عصمت ڪيس جي مک جوابدار ڊاڪٽر اياز علي عباسي سميت واقعي ۾ ملوث سموري عملي کي معطل ڪيو ويو آهي، پوليس کي به هدايت ڪئي آهي ته مک جوابدار ڊاڪٽر اياز علي عباسي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. عصمت ڪيس ۾ پوليس پاران گرفتار ڪيل ٽن جوابدارن عامر، شاهزيب ۽ ولي محمد کي پوليس ڪراچي جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدارن کي عدالتي ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪورنگي نمبر 5 جي سرڪاري اسپتال ۾ جوابدارن ناري عصمت کي لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ بعد کيس زهريلي انجيڪشن هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو، سرڪاري اسپتال جو ڊاڪٽر فرار ٿي ويو، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ان کان اڳ آءِ جي سنڌ ڪليم امام واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ڪورنگي ۽ ايس ايس پي جاچ ڪورنگي کان فوري طور رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، آءِ جي سنڌ جاچ ۾ اڳڀرائي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائين جي حوالي سان تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *