Tuesday , April 16 2024

نوڪريون ڏيارڻ بهاني پئسه وٺندڙ آبپاشي کاتي جو عملدار گرفتار

گهوٽڪي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون وٺي ڏيڻ بهاني نوجوانن کان پئسا وٺندڙ آبپاشي عملدار پڪڙجي پيو آهي، اينٽي ڪرپشن ڪارروائي ڪندي کيس گرفتار ڪري ورتو آهي. اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪلارڪ تي نوڪريون ڏيارڻ بهاني ماڻهن کان لکين رپيا وٺڻ جو ڪيس داخل آهي. گهوٽڪي ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي پوليس ڪاروائي ڪري آبپاشي کاتي جي هيڊ ڪلارڪ محمد شريف گهوٽو کي گرفتار ڪري ورتو. اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته گرفتار ڪيل هيڊڪلارڪ تي ماڻهن کان نوڪريون ڏيارڻ بهاني لکين روپيا وٺڻ جو ڪيس داخل آهي. هن وڌيڪ چيو ته گرفتار ڪيل هيڊ ڪلارڪ خلاف وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

پوليس بيوس بڻيل، قبيلائي دهشتگردي تان اغوا ڪيل 2عورتون ۽ هڪ ٻارڙي راڄوڻي بعد واپس

پوليس بيوس بڻيل، قبيلائي دهشتگردي تان اغوا ڪيل 2عورتون ۽ هڪ ٻارڙي راڄوڻي بعد واپس، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *