Friday , March 29 2024

نواز شريف خلاف فليگ شپ ڪيس جو احتساب عدالت ۾ ئي هلائڻ جو فيصلو

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) نگران وفاقي حڪومت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف فليگ شپ ڪرپشن ريفرنس سميت ٻن ڪيسن جو اوپن ٽرائل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. سڌسماءَ جي نگران وفاقي وزير بئريسٽر علي ظفر اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته، نواز شريف خلاف فليگ شپ ريفرنس سميت رهيل ٻن ڪيسن جي سموري ڪارروائي احتساب عدالت ۾ ئي هلائي ويندي. ان لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويندا. گرفتاري بعد جيڪا عدالتي ڪارروائي جيل اندر ٿي هئي اها ان هڪ ڏينهن لاءِ حڪم ڏنو ويو هو، ڇو ته ان ڏينهن جي حساب سان سيڪيورٽي خدشا هئا.

هر ڀيري اليڪشن ۾ ووٽ وٺندڙ پيئڻ جو صاف پاڻي به نه ڏئي سگهيا: پي ايس 28 جو اميدوار نثار شر

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *