Thursday , March 28 2024

نوازليگ پاران مير حاصل بزنجو کي سينيٽ چيئرمين نامزد ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران سينيٽ چيئرمين لاءِ پنهنجو پنهنجو اميداور ڪامياب ڪرائڻ جون ڪوششون جاري آهن، بلوچستان مان آزاد حيثيت ۾ چونڊيل سينيٽرز نواز شريف ۽ آصف زرداري کي پڪو آسرو ڏئي ڇڏيو، ووٽ ڪنهن کي ڪندا اها ٻنهي ڌرين کي خبر ناهي. نون ليگ جي قيادت ۽ سينئر اڳواڻن پاران سينيٽ جي چيئرمين لاءِ مير حاصل خان بزنجو جي نالي تي اتفاق ڪيو ويو آهي. سنڌسماءَچار کي ن ليگ جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، نواز شريف، راجا ظفرالحق، پرويز رشيد ۽ ٻين اڳواڻن پاران حاصل بزنجو کي سينيٽ چيئرمين جو اميدوار نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب راجا ظفر الحق، مشاهد حسين سيد ۽ پرويز رشيد جي نالن تي به ويچاريو ويو پر نواز شريف مير حاصل بزنجو جو نالو تجويز ڪيو ته سڀني پارٽي اڳواڻن ان تي اتفاق ڪري ورتو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته حاصل بزنجو جي نالي جو اعلان ايستائين نه ڪيو ويندو جيستائين پيپلز پارٽي پنهنجي اميدوار جو نالو ظاهر نه ٿي ڪري. ن ليگ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، پ پ پاران رضا رباني کي ٻيهر سينيٽ چيئرمين طور نامزد ڪرڻ جو امڪان نظر نه ٿو اچي پر جيڪڏهن آخري موقعي تي کيس نامزد ڪيو ويو ته پوءِ ن ليگ حاصل بزنجو کي ڊپٽي چيئرمين جي عهدي لاءِ نامزد ڪري ميدان ۾ لاهيندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *