Friday , April 19 2024

نمرتا ڪيس، نه ايف آءِ آر داخل ٿي نه ئي 76/77جي ڪارروائي، جڊيشل انڪوائري جو سکڻو آسرو

نمرتا ڪيس، نه ايف آءِ آر داخل ٿي نه ئي 76/77جي ڪارروائي، سنڌ حڪومت پاران معاملو ٿڌو ڪرڻ لاءِ جڊيشل انڪوائري جو سکڻو آسرو

ڪراچي (رپورٽ:  اصغر آزاد) آصفا ڊينٽل ڪاليج جي هاسٽل ۾ شڪي آپگهات ڪندڙ نمرتا واري معاملي جو 6 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، معاملي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائڻ وارو سنڌ حڪومت اعلان به اڃا تائين معاملي کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ سکڻو اعلان ثابت ٿيوآهي، پوليس ۽ وارث ڪيس داخل ڪرائڻ واري معاملي تي قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت پاران معاملي جي جڊيشل انڪوائري لاءِ جاري ڪيل خط غير سنجيدگي جو ثبوت آهي. شاگردياڻي نمرتا جي شڪي آپگهات 6 ڏينهن گذرڻ جي باوجود معاملو اڃا تائين ڳجهارت بڻيل آهي، معاملي جو هيل تائين نه ته ڪيس داخل ٿيو آهي ۽ نه ئي وري 76 ۽ 77 سي آر پي سي تحت ئي ڪا ڪارروائي ٿي سگهي آهي. هاسٽل جي ڪمري مان شاگردياڻي نمرتا جي لاش وارو معمالو وقت گذرڻ سان ڳجهارت بڻجندو پيو وڃي. نمرتا جي وارثن پاران نمرتا جي آپگهات کي قتل قرار ڏئي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي انتظاميا پاران واقعي جي جاچ لاءِ جوڙيل فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ ان معامي تي سول سوسائٽي پاران سخت احتجاج ۽ اڻڌري جاچ جو مطالبو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ سنڌ حڪومت معاملي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائڻ جو اعلان ڪيو.

حڪومت جي اهڙي اعلان کانپوءِ گهرو کاتي پاران لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي خط لکي معاملي جي جاچ ڪرڻ جو چيو ويو. گهرو کاتي پاران سيشن جج کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار پاران ڪنهن به جڊيشل انڪوائري بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق نمرتا واري معاملي جي جاچ ڪئي وڃي. گهرو کاتي جي سيشن جج کي جنهن واقعي جي جاچ لاءِ خط لکيو آهي، ان ۾ جاچ جا ڪي به ٽرمس آف ريفرنسز ( ٽي او آرز) طئي ناهن ڪيا ويا، ان ۾ ڪا به واضح ڳالهه ناهي ڪئي وئي ته نمرتا جي ڪهڙي معاملي جي جاچ ڪرڻي آهي، آپگهات جي، آپگهات جي ڪارڻن جي يا سندس قتل. سنڌ حڪومت پاران جڊيشل انڪوائري لاءِ خط وارو ڊرامو رڳو معاملي تان ڌيان هٽائڻ ۽ سڄي سنڌ ۾ هلندڙ احتجاج کي ٿڌو ڪرڻ جي نيت سان جاري ٿيل محسوس ٿي رهيو آهي. جڊيشل انڪوائري لاءِ اهو به لازمي آهي ته جنهن واقعي جي انڪوائري ڪئي وڃي ان جي ايف آءِ آر داخل هجڻ لازمي آهي جيڪا ڳالهه به نمرتا واري معاملي چٽي آهي ته ايف آءِ  آر داخل ٿيل ناهي، نه ئي وري سندس آپگهات / شڪي آپگهات جي 76/77 سي آر پي سي تحت ڪارروائي / رپورٽ ٺاهي وئي آهي، انهن ٻنهي صورتن ۾ ڪنهن به قسم جي جڊيشل انڪوائري ٿي نه ٿي سگهي. ان سلسلي ۾ هڪ سينئر پوليس آفيسر نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌ سماءَچار کي ٻڌايو ته، نمرتا جي وارثن يا ته جذبات ۾ اچي معاملي کي قتل جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي يا واري هنن قانوني مونجهارن کي سمجهڻ کانسواءِ ئي جڊيشل / عدالتي جاچ جو مطالبو ڪري منڌل معاملي کي وڌيڪ منجهائي ڇڏيو آهي. هڪ قانوني ماهر به ساڳئي ڳالهه ڪندي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، معاملو آپگهات آهي يا قتل؟ اهو سوال حل طلب تڏهن ئي ٿيندو جڏهن ان جو ڪيس داخل ٿيندو يا وري 76/77 سي آر پي سي واري ڪارروائي ٿيندي، عدالتي جاچ کان وڌيڪ بهتر اهو هو ته وارث سوشل ميڊيا جي پٽاڙ ۾ پوڻ بدران هڪ سينئر ۽ رپوٽيڊ پوليس آفيسر جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جوڙي معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪن ها ته معاملو چٽو ٿي بيهي ها. هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت وارو جڊيشل انڪوائري وارو خط سکڻي ڪاغذ جي ٽڪري کانسواءِ ڪا به حيثيت نه ٿو رکو. ( پوليس آفيسر ۽ قانوني ماهر نالا لکڻ کان اهو چئي روڪيو ته اجايو وارث ۽ سوشل ميڊيا بدنام ڪندي)

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *