Friday , March 29 2024

نمرتا جو موت، پوليس نئونديرو مان ٻن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وي سي کي معطل ڪرڻ جو فيصلو، ڇنڇر تائين نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جو امڪان

لاڙڪاڻو ( رپورٽر سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي جي آصفا ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا جي پراسرار موت واري معاملي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس نئين ديري ۾ ڪارروائي ڪري ٻن نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن پوليس پڇاڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش ٻن نوجوانن کي حراست ۾ وٺڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته، گرفتار ڪيل ٻئي نوجوان نمرتا جا ڪلاس فيلوز آهن، جن مان مهراڻ لاڙڪاڻي ۽ علي شان جو واسطو مورو سان آهي. ٻنهي نوجوانن کي نمرتا جي  موت واري معاملي جي پوليس پاران ڪيل شروعاتي جاچ جي بنياد تي ڪيو آهي، ٻنهي شاگردن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي نمرتا جي پراسرار موت واري معاملي جي اڻڌري جاچ ڪرائڻ ۽ شاگردياڻي جي وارثن سان انصاف جو مطالبو ڪيو ويو آهي. احتجاج ڪندڙ مختلف يونيورسٽيز، ڪاليجز ۽ سول سوسائٽي پاران شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي عهدي تان معطل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

ٻئي پاسي سنڌسماءَچار کي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وي سي خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته انيتا عطاءُ الرحمان جي سياسي پٺڀرائي جي نتيجي ۾ وڏوڳ وزير مراد علي شاهه اڃا تائين ڪارروائي کان گهٻرائي رهيو آهي پر هن انيتا الرحمان جي پٺڀرائي ڪندڙن تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته،انيتا کي هٽائڻ کانسواءِ نمرتا معاملي تي سنڌ حڪومت تي پوندڙ سماجي دٻاءَ کي گهٽائي نه ٿو سگهجي، ان لاءِ کيس ڪجهه ڏينهن تائين معطل ڪرڻ ضروري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *