Wednesday , August 5 2020
uren

نصير سومرو جو نثر – يوسف سيف

نصير سومرو جو نثر – يوسف سيف

يوسف سيف

نصير سومري جو آئون هاڻي دوست ٿي ويو آهيان، پر جي هو به منهنجو دوست هجي ها ته جيڪر ان کي نصير جي جاءِ تي نصيرڙو ڪري لکان ها، مون کي ٺيٺ سنڌي انداز ۾ ڳالهائڻ ڏاڍو وڻندو آهي. نصير سومرو پهريون ڀيرو مون کي ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ جهانگير ريسٽورنٽ ۾ مليو هو. اهو رات  جو وڳڙو هو. ڪجهه وقت اڳ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ايراني ريسٽورنٽنس هونديون هيون جيڪي هاڻي ذري گهٽ ختم ٿي ويون آهن. شاهين ڪمپليڪس وٽ هڪڙُ خيرآباد نالي ايراني هوٽل آهي، جتان جي چانهه واهه جي هوندي هئي، پر هاڻي ان چانهه ۾ چس ناهي رهيو. اهڙي ئي هڪڙي جهانگير ريسٽورنٽ صدر ۾ هئي، جيڪا هاڻي نه رڳو ختم ٿي وئي آهي پر ڊهي به وئي، هاڻي اتي ڪو شاپنگ پلاز پيو اڏجي، ها! ته ان ريسٽورنٽ تي ئي نصير سان ملاقات ٿي هئي. هن ٻڌايو ته هو اسٽيل مل مان انجنيئرنگ واري نوڪري ڇڏي آيو آهي. ٿوري تفصيل وٺڻ تي اندازو ٿيو ته هن جو به اسان وانگر ڪو مٿو ڦريل آهي، نه ته اهڙِي نوڪري مان هٿ ڪڍڻ جو ڪو جوڳو سبب نظر نه آيو.

هن جي ڳالهين مان اهو اشارو ضرور مليو ته هو لکڻ پڙهن واري دنيا جو ماڻهو آهي، مون کي هن جي انداز بيان مان لڳو هو ته هو شايد ڪو سياسي ڪارڪن به هجي پر اهو شڪ پڪ ۾ بدلجي نه سگهيو هو. هو اڪثر عوامي آواز ۾ رکيل مورائي سان ملڻ ايندو آهي. خاصي ڪچهري به ٿي ويندي آهي، نصير گهڻو پڙهيل آهي، انڪري هن جي ڪچهري به علم سان ٽمٽار هوندي آهي. هو رڳو پڙهيل ناهي پر ڪڙهيل به آهي. هو ويچاريندڙ ۽ فڪر ڪندڙ ڪا پراڻي سمي جي آتما آهي. پاڻ آهي ته سائنس جو ماڻهو پر آهي آرٽسٽ. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن زماني جي خفن مان جيئن ٿورو ڪنڌ ڪڍائڻ جهڙو ٿيو ته هن نوڪري مان جان آجي ڪرائي ڪرائڻ ۾ پهل ئي نه ڪئي. هو نه رڳو مسلسل لکندو رهي ٿو پر، ريگيولر پڙهي ٿو ۽ جي پوءِ جيڪا ڳالهه هن جي آنٽ تي چڙهي ايندي آهي ان تي لکي وٺندو آهي. تازو سندس هڪڙو وڌيڪ ڪتاب، “ اڃان پنڌ ۾ ”  آيو آهي، جنهن بابت هن جي ايتري وضاحت ڪيل آهي ته اهو (نان فڪشن) آهي. ان ۾ هن ادب جي هر پاسي تي لکيو آهي ۽ ڏاڍو سٺو لکيو آهي. اهو آهي ته ادب جو ڳٽڪو پر ان ۾ به هو سائنسي جي پاسي کان گهڻو متاثر آهي .

نصير سومرو

مهاڳ ۾ لکيل رکيل مورائي جي ڳالهه سان اتفاَق ڪريان ٿو ته هو اختصار سان لکي ڄاڻي، مون سندس اهو ئي ڪتاب پڙهيو آهي، رکيل جي بقول ته هو اصل ۾ شاعر آهي ۽ نصير به اها ڳالهه قبولي ٿو ته هن شروعات نظم سان ڪئي آهي پر مون کي هي نثر جو ماڻهو لڳي ٿو. اهو به درست آهي ته هو لفظن جي مطلب ۽ مقصد کان خوب واقف آهي. مان هن کي هيئن سمجهي سگهيو آهيان ته، موضوع ڪهڙو به هجي پر هو ان سان نڀائي ٿو وڃي. هو هڪڙو اهڙو ڪنڀار آهي جيڪو لفظن جي مٽي کي ڳوڙهو ڳوهي ان کي سنهو ڪري پوءِ ان مان جيڪو ٿانءِ ٺاهڻ چاهي ٺاهي ٿو وٺي . اهو هڪ هنر آهي هو جملي کي ڪٿان به شروع ڪري ان مان جيڪو چوڻ چاهي ٿو سا ئي معنيٰ ٻئي تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو. مون کي نصير جو کليل ذهن جو هئڻ، ڳالهه جي ڳنڍ کي  کولي بيان ڪرڻ. ڊگهي قصي ۾ قيد حاصل مقصد کي جهٽي وٺڻ واري خوبي وڻندي آهي. اميد ڪجي ٿي ته هي هن ڪرونا واري وبا کان پوءِ اسان کي ٻيا به ڪتاب ڏيندو . اڃا ڪرونا جي لاڪ ڊائون شروع ٿيڻ سان مون ٻڌايو هو ته اهو ڪتاب پڙهان پيو هن حڪم ڪيو هو ته ان تي راءِ به ڏجو،ان تي هي ڪچي ڦڪي راءِ رهڙي ورتي آهي مان جڏهن به اهڙو ڪو تبصرو لکيو اهي ته ان جو ليکڪ ئي ذهن جي ڪنڍ پاسي ويٺل هوندو آهي سو اهو به گڏوگڏ پيو هلندو آهي.تنهڪري ڪتاب کان وڌيڪ  ڪتاب واري تي لکجي ويندو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

اندر رُوح رهيام، خاڪي جويو کي ڀيٽا – سنڌو جويو

Share this on WhatsAppخاڪي جويي جي ورسيءَ جي موقعي تي سندس وڏور نياڻي پنهنجا احساس …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *