Friday , April 19 2024

نثار کهڙو پاران ٽربيونل جي فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عرضي داخل

لاڙڪاڻو ( رپورٽر    سنڌ سماءَ چار) 2018 جي چونڊن مان آئوٽ ٿي ويل پ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو نامزدگي فارم رد ٿيڻ واري فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عرضي داخل ڪري ڇڏي آهي. نثار کهڙو جا پي ايس 11 لاڙڪاڻو سٽي واري تڪ تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، جيڪي سندس مخالف اميدوار جي درخواست تي رد ڪيا ويا هئا. نثار احمد کهڙو پنهنجا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ واري اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي خلاف سنڌهاءِڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو ۾ آئيني عرضي داخل ڪرائي. عرضي ۾ نثار کهڙي موقف رکيو آحي ته، هن نامزدگي فارمن ۽ قسم نامي ۾ ڪا به گهربل معلومات ناهي لڪائي؛ ۽ نه وري ڪٽنب جا ڀاتي، عدالت کي درخواست آهي ته اپيلٽ ٽربيونل جي فيصلي کي رد ڪري کيس چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي. عدالت درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي 3 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جيڪڏهن نثار کهڙي جي عرضي ۾ اختيار ڪيل موقف سنڌ هاءِ ڪورٽ منظور به ڪري ٿي ته، نثار کهڙو 25 جولاءِ تي ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهندو.

پ پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو اليڪشن ڊوڙ مان آئوٽ ٿي ويو

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *