Friday , March 29 2024

نادرا جو اهم رڪارڊ چوري ٿي ويو، اڳوڻي چيئرمين خلاف ڪيس داخل

اسلام آباد (رپورٽر سنڌسماءَچار  ) نادرا جو انتهائي حساس ۽ ڳجهي رکي ويندڙ ڄاڻ تي ٻڌل اهم رڪراڊ چوري ٿي ويو آهي، جنهن جي غلط استعمال جا به خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن. چيو پيو وڃي ته نادرا جو انتهائي حساس رڪارڊ چوري ڪرڻ ۾ اڳوڻو چيئرمين ۽ اڳوڻي ڊائريڪٽر سميت رٽائرڊ آفيسر ملوث آهن. ان سلسلي ۾ نادرا جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن چوري ٿيل رڪارڊ غلط استعمال ڪيو ويو ته ان جا نتيجا خراب نڪري سگهن ٿا. حساس رڪارڊ جي چوري ۾ ٻه اڳوڻا آفيسر ملوث آهن، جن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. ڊيٽا گم ٿيڻ سان اداري کي رڪارڊ جي غلط استعمال جو خدشو آهي ۽ نادرا اختيارين رٽائر ٿيندڙ اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين سيد مظفر علي شاهه ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر شهزاد ڪمال خلاف مقامي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرايو آهي. ايف آءِ آر ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مظفر شاهه نادرا جي ملازمت تان فارغ ڪرڻ تي حساس رڪارڊ پاڻ سان گڏ کڻي ويو آهي، جڏهن ته ڊپٽي ڊائريڪٽر به اداري جو ليپ ٽاپ، فليش ڊرائيو ۽ ورڪ اسٽيشن چوري ڪري ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ اڳوڻن آفيسرن وٽان حساس رڪارڊ هٿ ڪرائڻ جو چيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *