Friday , March 29 2024

نائلا رند جي مبينا آپگهات وارو معاملو: جاچ ڪندڙ ججز کي سيڪيورٽي ڪليرنس نه ملي،جاچ رولڙي جو شڪار

حيدر آباد/ ڪراچي ( خاص نمائندو/ اصغر آزاد    سنڌ سماءَ چار) سنڌ يونيوپرسٽي ۾ ججز کي سيڪيورٽي ڪليئرنس نه ملڻ سبب نائلا رند ڪيس جي جاچ اڳتي نه وڌي سگهي آهي. مارئي هاسٽل جي هڪ ڪمري مان شاگردياڻي نائلا رند جي ڦاهو لڳل لاش هٿ اچڻ واري معاملي جي جاچ ڪندڙ ججز کي اربع ڏينهن سنڌ يونيورسٽي وڃي معاملي جي جاچ ڪرڻي هئي. ڄامشورو پوليس جو چوڻ آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽل مان شاگردياڻي نائلا رند جو ڦاهو لڳل لاش هٿ اچڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ سڪيورٽي ڪليئرنس نه ملڻ سبب ججز جو دورو ملتوي ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ججز جي ٻه رڪني جاچ ٽيم کي سنڌ يونيورسٽي جي مارئي هاسٽل وڃو هو، جتي شاگردياڻي نائلا رند جي ڪمري جو معائنو ڪرڻو هو. ڄامشورو پوليس جو چوڻ آهي ته ججز کي مارئي هاسٽل ۽ نائلا رند جي ڪمري جو معائنو ڪرڻو. سيڪيورٽي ڪليئرنس نه ملڻ سبب ججز دورو ملتوي ڪري ڇڏيو.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَ چار جڏهن سنڌ پوليس جي هڪ ايڊيشنل آءِ جي سان فون تي رابطو ڪري معاملي جي ڄاڻ ورتي ۽ جاچ ۾ پيش ايندڙ رنڊڪن بابت سوال ڪيو ته، هن نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ” سنڌ يونيورسٽي جي هڪ انتهائي بااثر عورت ملازم هن سڄي معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل آحي، کيس پيپلزپارٽي جي هڪ اهم اڳواڻ ۽ هڪ صوبائي وزير جي مڪمل حمايت حاصل آهي“، هن وڌيڪ ٻڌايو ته، ” تعجب ته ان ڳالهه جو آهي جو حيدرآباد جي هڪ اهم سماجي شخصيت، ڪجهه ادبي شخصيتون، ۽ ڪجهه اُهي ماڻهو …… آزاد صاحب سمجهي ويا هوندا“. ائين چيئي هن موبائل فون بند ڪري ڇڏيو.

سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب نائلا رند جي وارثن تي هن وقت کان ئي معاملي مان هٿ ڪڍڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، ذريعن جو چوڻ آهي ته هن معاملي ۾ رڳو پيپلزپارٽي ئي نه پر اپوزيشن جماعت جا اڳواڻ جيڪي سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل آهن اُهي به معاملي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته  اپوزيشن سان واسطو رکندڙ اڳوڻي هڪ ڪاموري ۽ سندس گهر واري کي بنه ان معاملي کي ٿڌو ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پنجاهه سيڪڙو به هن معاملي جي جاچ سچائي ۽ ايمانداري سان ٿئي ٿي ته يا ته سنڌي ماڻهو نياڻين کي يونيورسٽين ۾ پڙهائڻ ڇڏي ڏيندا يا وري کين هاسٽلن ۾ رهڻ نه ڏيندا پر غريب ۽ بي پهچ والدين ڪيڏانهن وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *