Friday , March 29 2024

نئب گورک هل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين رفيق جمالي سميت سمورن ڊيجيز کي طلب ڪري ورتو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نيب گورک هل اسٽيشن اٿارٽي جي ترقياتي فنڊز جي جاچ جاري آهي، چيئرمين رفيق جمالي سميت ڊي جي طور عهدن تي رهندڙن سمورن عملدارن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گورک هل اسٽيشن اٿارٽي جي فنڊز خرچ ڪرڻ واري معاملي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران نيب عملدارن عدالتن کي ٻڌايو ته، گورک ۽ ان سان لاڳاپيل ترقياتي ڪمن ۽ ٻين خرچن بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي. عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته، گورک ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين رفيق جمالي سميت 2008 کان هيل تائين اٿارٽي ۾ مقررٿيندڙ سمورن ڊائريڪٽر جنرلز / ڊي جيز کي به پڇا ڳاڇا لاءِ طلب ڪيو ويو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نيب جي جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا رفيق جمالي جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو آهي، نيب آفيسر جواب ڏنو ته رفيق جمالي کي طلب ڪيو ويو پر هو اڃا تائين پيش ناهي ٿيو. نيب عدالت کي استدعا ڪئي ته هڪ مهيني جي مهلت گهرجي، سموري جاچ مڪمل ڪنداسين، عدالت نيب جي استدعا منظور ڪندي هدايت ڪئي ته سمورن ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪري هڪ مهيني اندر جاچ مڪمل ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *