Thursday , March 28 2024

مڪاني ادارن جي سيڪريٽري جو پي ايس رمضان سولنگي، ڪنهن جو ماڻهو آهي؟

ڪراچي( اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) ٻه ڏينهن اڳ نيب هٿان پنهنجي آفيس مان گرفتار ڪيل، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ رمضان اعواڻ جو پرائيويٽ سيڪرٽري آخر ڪار ماڻهو ڪنهن جو آهي. ان بابت معلوم ٿيو آهي ته رمضان سولنگي سنڌ حڪومت جا معاملا هلائيندڙ انتهائي بااثر شخصيت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي هڪ ايم اين اي جو خاص ماڻهو آهي. ذريعن کان مليل سُڌ مطابق رمضان سولنگي مڪاني ادران جو ڪرتا ڌرتا بڻيل هو. رمضان سولنگي ڪراچي جي ڪاثر علائقن ۾ ڊي ايم سيز پاران قائم ڪيل غيرقانوني پارڪنف ايرياز سميت ٻين معاملن جي غير قانوني آمدني جي رڪوري جي ذميواري سندس هئي.

ٻي طرف ڪراچي ۾ نيب پاران ڇاپو هڻي گرفتار ڪيل مڪاني حڪومتن جي سيڪريٽري جي پرسنل سيڪريٽري رمضان سولنگي جو عدالت مان جسماني ريمانڊ ورتو ويو آهي، جنهن کان نيب جاچ شروعن ڪري ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن ڪراچي مان گرفتار ڪيل رمضان سولنگي بابت  نيب جو چوڻ آهي ته عملدار جي قبضي مان 3 ڪروڙ 15 لک رپين جي ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪئي وئي. جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته رمضان سولنگي جي قبضي مان 18 لک 43 هزار رپين جا پرائز بانڊز،100 تولا سون ۽ ٻيو قيمتي سامان هٿ ڪيو ويو آهي.نيب جو چوڻ آهي ته رمضان سولنگي کان پڇا ڳاڇا دوران هن اعتراف ڪيو آهي ته هن مختلف کاتن کان ڪروڙين رپيا رشوت طور حاصل ڪيا.هن اهو به انڪشاف ڪيو ته مختلف کاتن ۽ ادارن کان رقم جي اوڳاڙي لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن کي مقرر ڪيو  ويو هو.  نيب مطابق رمضان سولنگي  کان پڇا ڳاڇا دوران وڌيڪ  گرفتارين جو امڪان آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *