Thursday , March 28 2024

مَــــــنـــديون مِــــــڙوئـــــــــــي مـــــون ڏانـــهـــن… ڪال ڊراپ – آصف ڪنڀر

Asif Kunbhar

( ڪال ڊراپ )

هَلو۔۔۔۔

جيِ جيِ۔۔۔ هيلو۔۔۔

هَلو  سائين سلان وليڪم

سائين ولئيڪم سلام۔۔۔۔۔۔

سائين ڊاڪٽر عبدلجبار صاحب پيو ڳالهائين۔۔۔۔۔۔؟؟؟؟؟

جِي جِي۔۔۔۔

ڊاڪٽر صاحب مان ڏي وٺ عوامي پارٽي جو ضلعي سيڪريٽري ڪامريڊ ڦڏل شاهه پيو ڳالهايان۔۔۔۔۔۔

جِي جِي ڀائي جان حڪم ڪريو۔۔۔۔

ڊاڪٽر صاحب عرض هو ته اڄ منهنجي گهر وارا توهان ڏي سرڪاري اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ آيا هئا، سو مطئمن ٿي ويا، توهان ماشاالله سٺي نموني علاج ڪيو طبيعت به بهتر ٿي ئي، ۽ توهان جي  بهترين ريسپانس سبب خوش به ٿي ويا، سو مان چيو ڊاڪٽر صاحب کي شڪريو ادا ڪريان، اهڙا ڀلا ڊاڪٽر به آهن نه سرڪاري اسپتالن ۾۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

وڏي مهرباني توهان ڀائي جان.

dropped_call

ڊاڪٽر صاحب مهرباني وري ڇا جي، توهان جهڙن بهترين انسانن جا گڻ ڳائڻ اسان جو فرض آهي، مان ته هر جاء هر محفل ۾ توهان جي تعريف ڪندو رهندو آهيان،  نه ته توهان جي اسپتال جي ايم ايس کي اسان پڇون ئي ڪونه۔۔۔۔ اسان جي آڏو ٽڪو لهي هڪڙو، سندس ڪرپشن ۽ ڪرپٽ روئي خلاف صحافين کي چار پئسا ڏيئي خبرون مون هلايون، هاڻي ته مان کيس بدلي ڪرائڻ جي چڪر ۾ لڳو پيو آهيان، سوچيان پيو سندس خلاف ڪورٽ ۾ درخواست به ڏيئي ڇڏيان، اسان ڪامريڊن سان ٿو پنگو وٺي۔ خبر ته پويس نه۔۔۔۔۔!!!! هڪ پاسي توهان جهڙا مسيحا، انسان دوست، انساني همدرد ۽ هڏڏوکي آهن جيڪي انسانيت جي درد کي سمجهي ٿا ايمانداري سان پنهنجو فرض ادا ڪن ٻي پاسي اوهان جي ايم ايس جهڙا آهن جن جي خلاف ڪمپلينون ئي ڪمپلينون آهن۔۔۔۔۔۔۔

پر۔۔۔ ڪامريڊ ايم ايس توهان کي ڪيو ڇا آهي؟

ڊاڪٽر اسان کي ايم ايس ڇا ڪري سگهندو پر اسپتال تي ڌيان به نٿو ڏي، سندس مريضن سان رويو به ٺيڪ ڪون اٿس، ۽ ڪرپشن جا به سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا اٿس۔۔۔۔ بس هاڻي اهو اٺ جو پٽ نه بچندو۔۔۔۔ باقي ڊاڪٽر توهان جي مهرباني منهنجي گهر واري جي جان بچائي، اصل مسيحا ته توهان آهيو۔۔۔۔۔

وڏي مهرباني ڪامريڊ پر مان عرض ڪري وڃان ته اسپتال جو ايم ايس به ته مان ئي آهيان۔۔۔!!!!!!

ڇا؟؟؟

جي ها۔۔۔۔ گذريل ڏهن سالن کان مان ئي اسپتال جو ايم ايس آهيان ۽ ائين ئي ايمانداري سان پنهنجو فرض نڀائيندو پيو اچان۔۔۔۔۔ هيلو۔۔۔ هيلو۔۔۔۔ ( ٽون ٽون ٽون ڪال ڊراپ)

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *