Friday , April 19 2024

ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال لاءِ زمين خيراتي، پر ٻئي ادارا ڪمرشل

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) ”آغا خان اسپتال ۽ ميڊيڪل ڪاليج لاءِ زمين خيراتي اداري طور ورتي هئي پر علاج مفت ۾ ناهيون ڪندا“، اهڙو اعتراف آغا خان اسپتال خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل هڪ درخواست جي ٻڌڻي دوران اسپتال جي وڪيل ڪيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج، جسٽس محمد علي مظهر جي عدالت آغا خان اسپتال خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران اسپتال جو وڪيل به پيش ٿيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آغا خان اسپتال کي ڪاورباري بنيادن تي هلائڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس محمد علي مظهر آغا خان اسپتال جي وڪيل کان سوال ڪيو ته، توهان کي زمين فلاحي جي ڪمن لاءِ ڏني وئي هئي، جتي اوهان اسپتال قائم ڪئي، ڇا اوهان جي اسپتال ۾ مفت علاج ٿي رهيو آهي؟ جيڪڏهن سمورن مريضن جو نه ئي صحي پر ڇا ڪجهه مستحقن کي علاج جي سهولتن جي مد ۾ رعايت ڪندا هوندا؟.

جسٽس محمد علي مظهر جي انهن ٻنهي سوالن جي جواب ۾ آغا خان اسپتال جي وڪيل چيو ته اسان ٿور گهڻي رعايت ڏيندا آهيون پر مڪمل طور مفت ۾ علاج نٿا ڪري سگهون. جنهن تي عدالت ٻيهر سوال ڪيو ته، دل جي آپريشن ۾ مستحق مريضن کي ڪيتري ۽ ڪهڙي حساب سان رعايت ڏيندا آهيو؟ مثال طور جيڪڏهن ڪو نارمل ڪيس 10 لک رُپين جو آهي ته مستحق مريضن جو علاج ڪيتري رقم عيوض ۾ ٿي سگهي ٿو؟. ان سوال تي آغا خان اسپتال جو وڪيل ڪو به جواب نه ڏئي سگهيو؛ هُن ان سوال جي جواب لاءِ عدالت کي مهلت ڏيڻ جي درخواست ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران آغا خان اسپتال انتظاميا، اسپتال جي اڪائونٽس جي پاليسي پيش به ڪري نه سگهي. اسپتال جي وڪيل عدالت پاران پڇيل مختلف سوالن جا جواب ڏيندي ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو ته، آغا خان اسپتال ۽ ميڊيڪل ڪاليج لاءِ انتظاميا سنڌ حڪومت کان جيڪا زمين خريد ڪئي اها هڪ خيراتي اداري جي حيثيت سان ورتي هئي. ان موقف تي عدالت وڪيل آغا خان اسپتال جي وڪيل مٿهان ڪاوڙ جو اظهارڪندي چيو ته توهان، هر هر مهلت وٺي هليا ويندا آهيو، ٻڌايو توهان جو ادارو فلاحي آهي يا نه؟ جسسٽس محمد علي مظهر وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جي معاهدي ۾ لکيل آهي ته نفعي وارو ڪاروبار نه ڪندئو. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته آغا خان اسپتال وارا انتهائي مهانگي اگهه ۾ علاج ڪري رهيا آهن، اسپتال غريب ۽ مستحق مريضن جو مفت علاج ڪرڻ بدران ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسپتال هر مستحق ۽ غريب جو مفت علاج ڪرڻ جي پابند آهي. اسپتال کي ڪاروباري مقصدن تحت هلائڻ شرطن جي ڀڃڪڙي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *