Friday , March 29 2024

ميڊيڪل ڪاليجز جي اين ٽي ايس ٽيسٽ ڪهڙي بنياد تي رد ٿي؟

ڪراچي ( سنڌسماءَچار رپورٽ) گذريل نومبر جي مهيني ۾ سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلائن لاءِ ورتل اين ٽي ايس ٽيسٽ وارو سواليه پيپر اڳواٽ آئوٽ ٿيڻ بعد تڪراري بڻجي ويل ٽيسٽ جا نتيجا سنڌ حڪومت پاران معاملي جي جاچ جو فيصلو ڪندي ڪميٽي قائم ڪئي هئي. ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلائن لاءِ ورتل ٽيسٽ جو پيپر آئوٽ ٿيڻ بعد معاملو تڪراري بڻجي ويو هو، متاثر هزارين شاگردن ۽ سندن والدين ۽ سڄاڻ ڌرين به سخت احتجاج ڪيو، جنهن بعد سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه معاملي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏنو هو. وڏي وزير پاران نوٽيس وٺڻ بعد، صحت کاتي جي سيڪريٽر فضل الله پيچوهو معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي هئي.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي انتهائي اعتماد جوڳن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري جي هدايت تحت صحت کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي، معاملي جي جاچ شروع ڪري سڀ کان پهرين اين ٽي ايس ٽيسٽ ۾ پاس ٿيل شاگردن جي فهرست جو جائزو ورتو. ذريعن موجب جاچ دوران سڀ کان پهريان ضلعي وار فهرستون الڳ الڳ ڪري انهن جو جائزو ورتو ويو ويو. جنهن ۾ هڪ مخصوص قسم جو ”سرچنگ ڪوڊ“ لڳايو ويو. sindhsamaachar.com کي مليل ڄاڻ موجب معاملي جي جاچ دوران جاچ ڪميٽي آڏو اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ جيڪب آباد ضلعي سان واسطو رکندڙ هڪ بااثر سياسي ڪٽنب جي 7 کان وڌيڪ شاگردن/اميدوارن جا نالا سامهون اچڻ تي؛ جاچ ڪميٽي انهن سمورن اميدوارن کان سوال جواب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جاچ ڪميٽي پاران اين ٽي ايس جي سواليه پيپر ۽ ڪجهه ٻين سوالن تي مشتمل سوال، انهن سمورن ڪامياب قرار ڏنل اميدوارن کان ڪيا. ذريعن جي دعويٰ موجب انهن سمورن اميدوارن پڇيل ۾ سوالن جو ڪو به جواب نه ڏنو. ان سان گڏ ڪميٽي انهن اميدوارن کان اين ٽي ايس ٽيسٽ بابت ڪجهه ٻيا سوال به ڪيا جيڪي سوال ٽيسٽ جي تڪراري هجڻ بابت هئا.

سنڌ سماءَ چار کي مليل ڄاڻ موجب جاچ ڪميٽي معاملي بابت سيڪريٽري صحت سان گڏجاڻي ڪري سڄي صورتحال کان آگاهه ڪيو. جاچ دوران متاثر اميدوارن پاران ٻين اميدوارن به ڪجهه ثبوت ڏنا ويا ۽ پيپر آئوٽ ٿيڻ بابت سائبر ڪرائيم سيل کان به مدد ورتي وئي. جنهن بعد صحت کاتي جي سيڪريٽري فضل الله پيچوهو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي معاملي کان آگاهه ڪيو. ذريعن موجب وڏي وزير سيڪريٽري صحت کي هدايت ڪئي ته، سنڌ جي سمورن ميڊيڪل ڪاليجز لاءِ ورتل تڪراري اين ٽي ايس ٽيسٽ جا نتيجا رد ڪري ٻيهر امتحان ورتو وڃي.

سنڌ سماءَ چار کي مليل ڄاڻ موجب جيڪب آباد جي انتهائي بااثر سياسي خاندان جي انهن 7 کان وڌيڪ اميدوارن پاران سندن والدين/وارثن في اميدوار 8 لک رپيا رشوت ڏني هئي. جنهن بابت اميدوارن مان 3 ڄڻن جاچ دوران ان ڳالهه جو اعتراف به ڪيو هو.

( ان برادري جو نالو انڪري ناهي ڏنو جو ان بابت سنڌ سماءَ چار پاران وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. مٿئين معلومات ڏيندڙ ذريعن پاران ورتل ڪمٽمينٽ جيڪري ان بااثر ڪٽنب جي ذات ناهي لکي)

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *