Friday , March 29 2024

مير حاصل خان بزنجو جي زندگي تي هڪ نظر

حاصل بزنجو هاڻي پاڪستان جو وقتي صدر به ٿيندو رهندو

ڪراچي( رپورٽ: اصغرآزاد   سنڌسماءَچار) سينيٽ جي نئين چونڊيل چيئرمين مير حاصل خان بزنجو جي سياسي زندگي جدوجهد سان ڀريل آهي. بلوچ قومپرست اڳواڻ ۽ قومي سياست به ملڪي سطح تي اصول پرستي ۽ جمهوريت پسند سياستدان مير غوث بخش بزنجو جو پٽ مير حاصل خان بزنجو ٽين فيبروري 1958 تي بلوچستان جي غضدار ضلعي جي نال واري علائقي ۾ جنم ورتو. مير غوثبخش بزنجو بلوچستان جو پهريون سياستدان گورنر رهي چڪو هو. ڪراچي يونيورسٽي مان 1986/87 ۾ فلسفي ۾ بي اي آنرز ڪندڙ حاصل بزنجو لاءِ مشهور آحي ته هن جا بلوچستان ۾ ته سياسي لڳ لاڳاپا آحن ئي پر ان کان وڌيڪ هن جا واسطا، سياسي توڙي غير سياسي دوستي ياري سنڌين سان گهڻي آهي. پاڪستان نيشنل پارٽي جي سربراهه غوث بخش بزنجو 11 آگسٽ 1989 تي لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن کانپوءِ حاصل بزنجو بي اين پي ۾ باقائدگي سان شموليت اختيار ڪئي ۽ 1990 ۾ ننڍي چونڊ ۾ پهريون ڀيرو قومي اسيمب لي جو ميمبر چونڊيو ويو. حاصل بزنجو 1993 وارين عام چونڊن ۾ هارائجي ويو ۽ 1997 وارين عام چونڊن ۾ کيس قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ڪاميابي ملي هئي.

حاصل بزنجو پنهنجي  والد جي پارٽي پاڪستان نيشنل پارٽي کي ڪجهه معاملن تي اختلافن سبب خدا حافظ چئي ان ئي پارٽي جي ٻين باغي ميمبرن سان گڏ بلوچستان ڊيموڪريٽڪ پارٽي (بي ڊي پي) ۾ شامل ٿي  ويو. حاصل بزنجو ملڪ ۾ آمريتن خلاف جمهوري قوتن جو ساٿاري رهيو ۽ انهن جي هر جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي ۽ جيل جا چڪر به ڪاٽيندو رهيو آهي. حاصل بزنجو سياسي پليٽ فارم تبديل ڪندو رهيو آهي، 2003 ۾ هن هڪ ڀيرو وري نئين سياسي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ اها هئي، نيشنل پارٽي (اين پي)، سندس نئين پارٽي 2008 ۾ ٿيل عام چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ 2009 ۾ سينيٽر چونڊجي ويو. 2013 دوران ٿيل عام چونڊن جي نتيجي نيشنل پارٽي صوبائي تڪن تي وڏي ڪاميابي ماڻي ۽ نون ليگ سان گڏجي بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهي، ان بعد حاصل بزنجو 2015 جي چونڊن ۾ ب سينيٽر چونڊجي آيو ۽ نون ليگ وفاقي حڪومت ۾ اتحادي هجڻ ڪري پورٽس اينڊ شپنگ واري وزارت جو وزير بڻيو. نيشنل پارٽي 2018 ۾ ٿيل عام چونڊن جو احتجاجي طور تي بائيڪاٽ ڪيو هو. حاصل بزنجو جي قسمت جو ستارو ان وقت ٻيهر چمڪڻ لڳو جڏهن موجوده حڪومت ۽ گڏيل اپوزيشن هڪ ٻئي خلاف سياسي طاقت جو ڀرپور استعمال ڪيو ۽ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ته ان وقت سينيٽ چيئرمين لاءِ اپوزيشن پاران ڪڻو حاصل بزنجو جو نڪتو حاصل بزنجو هاڻي ملڪ جو وقتي صدر به ٿيندو رهندو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *