Friday , March 29 2024

مسجد نبوي ﷺ جو امام شيخ احمد العماري سعودي حڪومت جي حراست دوران جيل ۾ فوت

مسجد نبوي ﷺ جو امام شيخ احمد العماري سعودي حڪومت جي حراست دوران جيل ۾ فوت

شيخ احمد العماري کي سعودي حڪومت ۽ شاهي خاندان خلاف ڳالهائڻ تي حراست ۾ ورتو ويو هو

رياض(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسجد نبوي ﷺ ۾ امامت جا فرض ادا ڪندڙ، ناميارو سوعدي مبلغ ۽ مذهبي شخصيت شيخ احمد العماري سعودي حڪومت جي حراست ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي، شيخ احمد العماري کي سعودي حڪومت ۽ شاهي خاندان جي پاليسين خلاف ڳالهائڻ تي گرفتار ڪيو ويو هو. سعودي  مبلغن، عالمن، مذهبي شخصيتن جي گرفتارين ۽ انهن تي حڪومتي پابندين تي نظر رکندڙ، هڪ سوشل ميڊيا گروپ ”پرزنر آف ڪنسائس“، جي رپورٽس مطابق شيخ احمد العماري جيڪو جامع اسلامي مدينه ۾ قرآن ڪاليج جو سربراهه به رهي چڪو هو، ان کي 5 مهينا اڳ گرفتار ڪيو ويو هو. ميڊيا رپورٽ مطابق. سوشل ميڊيا گروپ ”پرزنر آف ڪنسائس“ پاران سعودي حڪومت تي الزم مڙهيو آهي ته، 69 ورهين جي بزرگ شيخ احمد العماري جيڪو سعودي حڪومت جي اختيارين جي حراست ۾ هو، ڪافي ڏينهن کان سندس صحت انتهائي خراب هئي پر کيس صحت جون مناسب سهولتون نه ڏنيون ويون ۽ سندس موت جو ڪارڻ به اهو ئي آهي.

ٻي طرف لنڊن سان واسطو رکندڙ انساني حقن جي تنظيم، ”القسط“ جي ڊائريڪٽر، يحيٰ اسيري چيو آهي ته، سعودي حڪومت پاران ڪجهه عرصي کان جاري ڪريڪ ڊائون جي نتيجي ۾ احمد العماري کي اگسٽ مهيني دوران سندس رهائشگاهه ويجهو ۽ سندس خاص مددگار ۽ مذهبي عالم صفر الحوالي سان گڏ سعودي جي حڪومتي اختيارين حراست ۾ ورتو هو. اهو به ياد رکڻ گهرجي ته 68 ورهين جي زرگ عالم دين صفرالحوالي کي سندس 3 صفحن تي مشتمل لکيل ڪتاب سب گرفتار ڪيو ويو هو. صفر الحوالي پنهنجي ڪتاب ۾ هن سعودي حڪومت، ولي عهد محمد بن سلمان ۽ سعودي عرب جي شاهي خاندان جي اسرائيل سان لاڳاپن تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو هو.

سوشل ميڊيا گروپ ”پرزنر آف ڪنسائس“ ۽ ٻين سماجي رابطن وارن گروپس پاران شيخ العماري جي فوت ٿيڻ جو ڪارڻ اهو ٻڌايو پيو وڃي ته، هن کي صحت جون بهتر سهولتون نه ڏيڻ سان گڏ کيس ذهان جيل ۾ قيد تنهائي/اڪيلائي واري قيد ۾ رکيو ويو هو، جتي هن کي اوچتو رين هيمبريج جو حملو ٿيو هو. هن کي برين هيمبريج جي حملي ٿيڻ باوجود ب ه شيخ احمد اسپتال منتقل ڪرڻ ۾ دير ڪئي وئي ۽ بعد ۾ کيس شاهه عدالله ميڊيڪل ڪمپليڪس منتقل ڪيو ويو. شيخ احمد جو موت علاج نه ڪرائڻ جي نتيجي ۾ ٿيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *