Friday , April 19 2024

مستونگ ڌماڪي بعد ٻن پراڻن دوستن جي ملاقات، آصف زرداري ۽ مولانا فضل رحمان وچ ۾ اهم مامرن تي ڳالهيون

Maulana-Fazlur-Rehman-and-Asif-Ali-Zardari

مستونگ ۾ ڌماڪي بعد ٻن پراڻن دوستن جي سڌي ملاقات ۾ اهم مامرن تي ڳالهيون ٿيون. مولانا فضل الرحمان ۽ آصف زرداري جي ٿيل ملاقات کي سياسي حلقا انتهائي اهم قرار ڏئي رهيا آهن. سياسي حلقن جو چوڻ آهي ته مستونگ ڌماڪي ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن جي شهيد ٿيڻ تي آصف زرداري مولانا فضل الرحمان سان تعزيت ڪئي ۽ اها ملاقات وقتائتي ثابت ٿي آهي، جنهن کي ڪيربه ان نظر سان نه ٿو ڏسي ۽ وقت ڏکوئيندڙ آهي انڪري آصف ۽ فضل الرحمان جا مخالف به خاموش آهن.

پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي صدر آصف علي زرداري مستونگ حملي جو حڪومت کي ذميوار قرار ڏيندي چيو آھي ته ھر تڪليف ۾ پاڪستان کپي، اسان مصيبت ۾ مولانا فضل الرحمان سان گڏ آھيون، ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام جو بنيادي سبب اقتدار جي منتقلي ۾ خرابي آھي، چونڊ سڌارن بنا ايندڙ چونڊون بي معنيٰ ھونديون.

آصف زرداري اھڙو اظھار مولانا فضل الرحمان سان سندس گھر تي پارٽي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري تي دھشتگردي واري حملي بعد يڪجھتي طور ۽ جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق سان زرداري ھائوس تي الڳ الڳ ملاقاتن دوران ڪيو، هن چيو ته اسان دھشتگرد حملن کان ڊڄڻ وارا ناھيون، ھر صورت ۾ پاڪستان کپي.

آصف زرداري جو چوڻ هو ته، حڪومتي غفلت اڄوڪي واقعي جي ذميوار آھي، اسان ھر مصيبت ۾ مولانا فضل الرحمان سان بيٺا آھيون، واقعي تي مولانا کي به قدم کڻڻ گھرجي. ھن چيو ته عوام ۽ حڪومت ۾ وڇوٽين سبب قومي پاليسي نه پئي ٺھي، سياسي قوتن ۽ عوام به ھم آھنگي ناھي، جيڪڏھن اسان ھڪ ٿي وڃون ته اھڙا واقعا نه ٿيندا.ھن چيو ته اسان پنھنجي دور ۾ دھشتگردي خلاف ڪم ڪيو، ڇا سبب آھي جو اڄ قومي ايڪشن پلان تي ڪم نه ٿي رھيو آھي.

siraj ul haq and zardari

ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جو سفر جاري رھندو، جيئن آصف علي زرداري چيو ته دھشتگردي خلاف مشاورت سان گڏيل حڪمت تيار ڪري سگھجي ٿي ۽ ذميوارن جو تعين به گڏيل مشاورت ڪري سگھجي ٿو..ٻئي طرف جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق آصف زرداري سان ملاقات ڪري جماعت پاران لاھور ۾ چونڊ سڌارن بابت رٿيل اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، ان موقعي تي آصف علي زرداري چيو ته ساک واري اقتدار جي منتقلي لاءِ عام چونڊن کان اڳ اتفاقي چونڊ سڌارا ضروري آھن.آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام جو بنيادي سبب اقتدار جي منتقلي ۾ خرابي آھي.ان ڪري جيستائين عام چونڊن کان اڳ اتفاق راءِ سان چونڊ سڌارا نٿا ٿين، ان وقت چونڊون بي مقصد ھونديون.ھن چيو ته چونڊ سڌارن ۾ اھو پڻ شامل ھجي ته جيڪو رٽرننگ آفيسر ڌاندلين ۾ ملوث ھجي، ان کي سخت سزا ملي، جنھن سان گڏ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي عبوري حڪومت قائم ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تيار ٿيڻ گھرجي، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ھئڻ گھرجي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *