Friday , April 19 2024

“ماضي ۾ بلينڪ آرڊرز تي استاد ڀرتي ٿيا”: صوبائي وزير سعيد غني جو اعتراف

سنڌ ۾ 5 هزار کان وڌيڪ اسڪول بند ڪري رهيا آهيون، 37 هزار کان وڌيڪ استادن جي کوٽ آهي: تعليم وارو وزير سعيد غني

ڪراچي (چيف رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ جي تعليم کاتي واري وزير ۽ پ پ جي سينئر اڳواڻ سعيد غني اعتراف ڪيو آهي ته ماضي ۾ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ استاد بلينڪ آرڊرز ذريعي ڀرتي ٿيندا رهيا آهن. سنڌي اسيمبلي جي اجلاس دوران سوالن جوابن واري وقفي دوران ايم پي ايز پاران لکت ۾ پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي تعليم واري وزير چيو ته، سنڌ ۾ 5 هزار بند پيل اسڪول کولينداسين نه پر انهن کي بند ڪيو ويندو، اهڙا اسڪول به بند ڪيا ويندا جن ۾ ٻارن جي داخلا تمام گهٽ آهي.

تعليم کاتي جي وزير چيو سنڌ ۾ پرائمري سميت سمورن ڪيڊرز جي استادن جون 37 هزار جايونن ڀرڻ ۾ اڃا وقت لڳندو. ياد هجي ته سنڌ ۾ 2008 کان وٺي اڄ تائين لاڳيتو تان پيپلز پارٽي جي ئي حڪومت رهي آهي، سيد قائم علي شاهه ۽ ان بعد سيد مرادد علي شاهه وڏا وزير رهيا آهن ۽ مراد علي شاهه به ٻيو ڀيرو وڏ وزارت جي عهدي تي موجود آهي.

ان عرصي دوران، پير مظهر الحق، نثار کهڙو، ٻه ڀيرا ڄام مهتاب ڏهر، سيد سردار شاهه تعليم کاتي جا وزير رهيا آهن، ان دوران ڪجهه عرصو تعليم واري وزارت جو قلمدان وڏي وزير مراد علي شاهه وٽ به رهيو آهي ۽ هاڻي تعليم وارو قلمدان سعيد غني وٽ آهي، جنهن 5 هزار اسڪول بند ڪرڻ جو اعتراف ڪندي 37 هزار استاد ڀرتي نه ڪري سگهڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *