Thursday , April 18 2024

لکي غلام شاهه جي ڪچي ۾ ڪارنهن تڪرار، 4 انساني جانيون گولين جي بک بڻجي ويون

لکي غلام شاهه( رپورٽر   سنڌسماءَچار) لکي غلام شاهه جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ ڪارنهن تڪرار تان جوابدارن بندوقن جا منهن کي چئن ڄڻن کي گولين جي بک بڻائي ڇڏيو آهي، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۽ جهيڙو ختم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي.  ڪچي جي ڳوٺ متارو خروس ۾ هٿياربندن اوطاق تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب 3ڄڻا سجاول خروس، سندس ڀائٽيو عابد خروس ۽ پٽ بلاول ٿڏي مارجي ويا، هڪ ڄڻو موج علي خروس زخمي ٿي پيو. گوليون لڳڻ سبب مقتول سجاول خروس جو  ٻيو ڀائٽيو نعمت الله خروس سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي لکي غلام شاهه اسپتال نيو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. اطلاع تي  محمود آباد ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال جو جائزو ورتو. ايس ايڇ او محمود آباد خدا بخش گهنڃو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته فائرنگ سبب موج علي خروس زخمي ٿي پيو، جنهن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ڪيو ويو آهي. ڳوٺاڻن موجب ڪارنهن تڪرار کانپوءِ مقتول لڏي وڃي لاڙڪاڻي ۾ آباد ٿيا هئا، جتان اڄ مائٽن وٽ گهمڻ آيل هئا ته مٿن حملو ڪيو ويو. ٻئي طرف آءِ جي سنڌ ڪليم امام شڪارپور ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران چئن ڄڻن جي قتل واري واقعي جو نوٽيس ورتو، آءِ جي سنڌ ايس ايس پي شڪارپور کان واقعي بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

پوليس بيوس بڻيل، قبيلائي دهشتگردي تان اغوا ڪيل 2عورتون ۽ هڪ ٻارڙي راڄوڻي بعد واپس

پوليس بيوس بڻيل، قبيلائي دهشتگردي تان اغوا ڪيل 2عورتون ۽ هڪ ٻارڙي راڄوڻي بعد واپس، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *