Friday , April 19 2024

لاڪ ڊائون دوران راشن جي ورهاست، ٽائون ڪميٽي پڪاچانگ ۾ اي سي ۽ چونڊيل نمائندن جي پنهنجا نوازي

سنڌسماءَچار اي سي فيض گنج،پڪاچانگ ٽائون چيئرمين جي ۽ وائيس چيئرمين لاڪ ڊائون پنهنجا نوازي جا وکا پڌرا ڪري ڇڏيا

سيد جيئل شاهه – ٽائون چيئرمين               ظفرعباسي- اي سي فيض گنج

فيض گنج ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪرونا لاڪ ڊائون دوران سنڌ حڪومت جي راشن تي ٽائون چيئرمين پڪاچانگ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر فيض گنج جي اقرباپروري، مسڪين پورهيتن ۽ ضرورتمندن بدران راشن سرندي وارن حوالي ڪري ڇڏيو، تر جي زميندار مرحوم زوار طاهر جا پٽ به مستقن ۾ شامل، مستحقن لاءِ  آيل راشن سرندي وارن حوالي، اسسٽنٽ ڪمشنر به ٻڙڪ نه ڪڇيو. ڪرونا وائرس جي وبا پکڙجڻ بعد سنڌ حڪومت پاران ڪيل لاڪ ڊائون دوران لاءِ آيل راشن مستحقن لاءِ ٽائون ڪميٽي پڪاچانگ ۾ آيل راشن جي ورهاست منصفاڻي نه ٿيڻ جون شڪايتون رپورٽ ٿي رهيون آهن، سنڌسماءَچار انهن سرندي وارن جا نالا هٿ ڪري ورتا آهن، جن مستحقن جي نالي تي آيل راشن وصول ڪيو.

راشن ورهائڻ ۾ ٽائون چيئرمين سيد جيئل شاهه، وائيس چيئرمين شجاعت چانگ، ڪائوسلرز، رياض چانگ، سڪندر علي شاهه، اسسٽنٽ ڪمشنر ظفر عباسي جي نگراني هيٺ سرندي وارن کي امدادي سامان مهيا ڪيو ويو آهي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته راشن حاصل ڪندڙڻ ۾ سرڪاري ملازم، واپاري، جنرل اسٽورز جا مالڪ، سبزي جا واپاري به شامل آهن. سنڌ سماءَچار ٽائون ڪميٽي جي ٽن وارڊن جي مختلف ماڻهن جي فهرست به هٿ ڪئي آهي، جنهن تحت انهن ماڻهن ۾ سامان ورهايو ويو آهي، اها لسٽ ٽائون ڪميٽي جي ذريعن ۽ سامان ورهائڻ واري ٽيم ۾ شامل ماڻهن پاران مهيا ڪئي وئي آهي، جن پنهنجو نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار جي خاص نمائندي کي ڏني. مستحقن جو سامان علائقي جي سرندي وارن چئن ڀائرن گلاب راڄپر، علي مراد، سلطان ۽ علي گل راڄپر ولد زوار طاهر راڄپر مرحوم به مستحقن وارو سامان وصول ڪيو.

ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين، وائيس چيئرمين، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڪائونسلرز جي سفارش تي جن سرندي وارن کي سامان مهيا ڪيو ويو آهي آهي انهن ۾، سبحان علي چانگ ولد حاجي خان محمد چانگ، طارق علي آرائين، قربان سيال، علي احمد پٽ محمود، علي احمد پٽ محمود، نعيم پٽ جلال الدين، حشمت علي پٽ علي مراد ، عبدالرسول شر، امير بخش ولد لياقت علي شر، اشتياق، حسن علي  به شامل آهن. ٽائون ڪميٽي مان راشن حاصل ڪندڙن جي اها فهرست جيڪا پهريان سادن پنن تي تيار ڪئي وئي هئي، اها جيئن جو تيئن هتي پيش ڪجي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *