Friday , March 29 2024

لاڙڪاڻي ضلعي خواجاسراءَ فقيرن کي تحفظ ڏيڻ بلڊ اسڪريننگ جو فيصلو

لاڙڪاڻو(رپورٽر  سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي ضلعي جي رتوديرو ۽ نئونديرو سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ايڊز وبا جي صورت اختيار ڪرڻ کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته، ضلعي ۾ رهندڙ سمورن خواجا سراءَ فقيرن جي بلڊ اسڪريننگ ڪرائي ويندي، ايس ايس پي خواجاسراءَ فقيرن سان ملاقات ڪري کين تحفظ جو به يقين ڏياريو آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻي مسعود احمد بنگش خواجاسراءَ فقيرن سان گڏجاڻي ڪري سندن مسئلا ٻڌا، گڏجاڻي دوران ايس ايس پي خواجاسراءَ فقيرن کي ايڊز جي پکڙجڻ واري سموري معاملي بابت ڄاڻ به ڏني. ايس ايس پي خواجاسراءَ فقيرن کي ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته، سندن بلڊ اسڪريننگ ڪرائي ويندي ۽ کين مڪمل سماجي تحفظ به مهيا ڪيو ويندو. ايس ايس پي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آءِ جي سنڌ پوليس سيد ڪليم امام جي حڪم تي ضلعي لاڙڪاڻي جي مختلف شهرن سان واسطو رکندڙ کدڙن فقيرن سان هڪ گڏجاڻي ٿي آهي، جنهن ۾ خواجاسراءَ فقيرن سان پيش آيل واقعن بابت معلومات ورتي. کدڙن فقيرن لاءِ هڪ سيل پڻ قائم ڪئي ويندي، جتي هو اچي پنهنجون شڪايتون ڏئي سگهندا، ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته ضلعي لاڙڪاڻي اندر خواجاسراءَ فقيرن جو تعداد 4 سو جي لڳ ڀڳ آهي، جن جي جلد رجسٽريشن پڻ شروع ڪئي ويندي ۽ عيد کانپوءِ کين مختلف هنرن جي سکيا ڏيندي ويندي، جنهن ۾ کدڙن فقيرن کي هر مهيني 4 هزار روپيا معاوضو به ڏنا ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *