Friday , March 29 2024

لاڙڪاڻو: جوابدارن جو صحافي حنيف سهاڳ جي گهر تي حملو، 4 ڄڻا زخمي، ڪيس داخل 4 جوابدار گرفتار

لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن گهر تي حملو ڪري سينئر صحافي ۽ ڪي ٽي اين نيوز جي رپورٽر حنيف سهاڳ جي پڦاٽ ۽ سالي سميت 4 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو، پوليس 10 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سول لائين ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن ڪي ٽي اين نيوز جي رپورٽر حنيف سهاڳ جي پڦاٽ کي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن بعد ساڳين هٿياربندن حنيف سهاڳ جي گهر تي حملو ڪري سندس پڦاٽ رمضان سهاڳ ۽ سالي صفدر سهاڳ سميت 4 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو.

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عبد الله شيخ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمر طفيل واقعي جو نوٽيس وٺندي جوابدارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي.

سول لائين پوليس صحافي جي گهر تي حملي جو غلام شبير سهاڳ جي فرياد تي 10 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

داخل ڪيل ڪيس ۾ شاهنواز مرکنڊ، نعيم مرکنڊ، نديم، شيراز، نور، الهجڙيو، رحيم بخش ۽ ٻين جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

پوليس ڪارروائي ڪري 4 ڄڻن شاهنواز مرکنڊ، رحيم بخش، الهجڙيو ۽ نور کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

ٻئي طرف واقعي خلاف صحافين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي جو مظالبو ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن جو رائيس ملز جي پورهيتن جي حقن لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) وطن دوست مزدور فيڊريشن جي سڏ تي لاڙڪاڻي سميت مختلف ضلعن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *