Thursday , March 28 2024

لاهور-ڪراچي موٽروي منصوبي ۾ بي ضابطگيون،نيب چيئرمين جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال لاهور ڪراچي موٽر وي ٺيڪن ۾ ڪرپشن جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي لاهور ڪراچي موٽر وي ٺيڪي ۾ مبينا ڪرپشن، بدعنواني ۽ غير شفافيت جي انڪشاف کانپوءِ نيب چيئرمين نوٽيس وٺندي لاهور ڪراچي موٽر وي ٺيڪن ۾ ڪرپشن جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال ڊي جي نيب راولپنڊي کي معاملي جي مڪمل جاچ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. نيب چيئرمين چيو آهي ته، قوم جي سرمائي جو جائز استعمال ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، اسان کي قومي سرمائي جي ضياع ۽ بدعنواني جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪندي قانون تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻو پوندو.

نيب چيئرمين چيو ته جيڪي ماڻهو مهانگي ريٽ تي لاهور ڪراچي موٽر وي ٺيڪو ڏيڻ ۽ مبينا بدعنواني جا ذميوار آهن انهن جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ ٺوس شاهدن جي بنياد تي ان کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي جڏهن ته ذڪر ڪيل منصوبي ۾ نيب سبب ڪنهن قسم جي دير نه ٿئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *