Thursday , July 18 2019
uren

قطر کي سوڙهو ڪرڻ پٺيان ڪهڙا مقصد آهن؟ – اشفاق آذر

Ashfaq_Azar_KTN_News

“تازو وچ اوڀر جي دوري دوران جڏهن مون چيو ته انتها پسندي لاءِ فنڊنگ جي ڪا گنجائش نٿي ٿي سگهي ته سڀني اڳواڻن قطر ڏانهن اشارو ڪيو، ڏٺئو!“ هي ٽويٽ امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٺيڪ ان وقت ڪيو، جڏهن سعودي عرب سميت ڇهن اسلامي ملڪن پاران قطر سان سفارتي ۽ معاشي لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان سامهون اچي چڪو هو. نه رڳو ايترو پر قطر سان زميني، هوائي ۽ سامونڊي رستن جي ناڪابندي پڻ ڪئي وئي، سفارتي عملي کي واپس گهرائڻ سميت قطري باشندن کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ 14 ڏينهن جي مهلت ڏيڻ جهڙا سخت فيصلا پڻ ڪيا ويا. ويجهي عرصي ۾ عرب دنيا جي هن وڏي بحران جا بظاهر سبب اهي ٻڌايا وڃن ٿا ته قطر نه رڳو انتهاپسندي کي هٿي ڏئي رهيو آهي پر سعودي عرب جي روايتي حريف ايران جي ايجنڊا کي پڻ اڳتي وڌائي رهيو آهي. قطر جي مٿان الزام آهن ته هو داعش، القائده، اخوان المسلمين سميت سعودي عرب ۽ بحرين ۾ شيعه ويڙهاڪ تنظيمن جي مالي مدد ۽ حمايت ڪري رهيو آهي. قطر کي حوثي باغين خلاف وڙهندڙ عرب ملڪن جي فوجي اتحاد مان به ٻاهر ڪڍيو ويو آهي. امريڪي صدر قطر کي عرب دنيا ۾ اڪيلو ڪرڻ واري انهيءَ اعلان جي نه رڳو آجيان ڪئي پر حمايت ڪندي اهو به چيو ته عرب سمٽ دوران سمورن عرب ملڪن قطر مٿان انتها پسند گروهن کي هٿي ڏيڻ جا الزام هنيا ۽ هي فيصلو دهشتگرديءَ جي انجام جي شروعات ٿي سگهي ٿو.

تازو بحران ڪٿان شروع ٿيو؟

هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو خليجي ملڪن قطر سان سفارتي لاڳاپا ٽوڙيا هجن، ان کان اڳ مصر ۾ ٿيل بحران جي حوالي سان قطر جي مٿان اخوان المسلمين جي حمايت ڪرڻ جا الزام لڳائي 2014ع ۾ پڻ سفارتي لاڳاپا ختم ڪيا ويا هئا، جيڪي اٺن مهينن بعد بحال ڪيا ويا. خليجي ملڪن جا قطري پاليسين جي حوالي سان ڪافي عرصي کان اعتراض رهندا آيا آهن ته هو انهيءَ ايجندا تي نه پيو هلي، جيڪا سعودي يا ان جي اتحادي عرب ملڪن جي آهي پر ان جي بدران هو آزاداڻي نموني انهن پاليسين کي اڳتي وڌائي رهيو آهي جيڪي ساڻن ٺهڪندڙ ناهن. هن معاملي ۾  نئون موڙ ان وقت آيو جڏهن تازو ئي قطر جي سرڪاري نيوز ايجنسي تي قطر جي امير تميم الثاني جو مبينه بيان هليو، جنهن ۾ هن ايران، حماس ۽ حزب الله جي نه رڳو حمايت ڪئي پر امريڪا سان لاڳاپن ۾ آيل ڇڪتاڻ جي حوالي سان اهو چيو ته نئون امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گهڻو وقت صدر رهي نه سگهندو، ڇاڪاڻ ته هو امريڪا ۾ روس سان لاڳاپن سميت ٻين مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. حماس جيڪا نه رڳو امريڪا، يورپي يونين، اسرائيل پاران دهشتگرد تنظيم قرار ڏنل آهي پر ڪجهه عرب ملڪن لاءِ به ناپسنديده آهي، تنهن کي قطر جي امير پاران پنهنجي مبينه بيان ۾ فلسطيني عوام جي نمائنده جماعت قرار ڏنو ويو ۽ ايران جي حوالي سان اهو چيو ويو ته ايران سان دشمني ڪرڻ ۾ ڪا به ڏاهپ ڪانهي. سعودي عرب جي حوالي سان به قطر جي امير پاران اها تنقيد ڪئي ته هٿيارن جا ذخيرا گڏ ڪرڻ بدران اها رقم ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪرڻ گهرجي. جيتوڻيڪ قطري حڪومت پاران بعد ۾ اهڙي بيان جي ترديد ڪندي اهو چيو ويو ته اهو هيڪرس جو ڪم آهي، جن سرڪاري نيوز ايجنسي جي ويب سائيٽ هيڪ ڪري اهو بيان اپ لوڊ ڪيو پر تيستائين گهڻي دير ٿي چڪي هئي. قطر جي ڪيترين ئي اخبارن ۽ ميڊيا تي اهو بيان انگريزي سميت مختلف ٻولين ۾ سڄو ڏينهن هلي چڪو هو. قطر جي انهيءَ بيان بابت ڪيل ترديد کي سعودي توڙي گڏيل عرب امارات پاران به تسليم نه ڪيو ويو ۽ انهيءَ بيان کي وٺي قطر جي امير مٿان سخت تنقيد ڪئي وئي. سعودي عرب پاران قطر مٿان پابندين جي حوالي سان جيڪو بيان جاري ڪيو ويو، تنهن ۾ سواءِ اخوان المسلمين جي حمايت واري الزام جي ٻيا ڪي ٺوس الزام نه هئا. انهيءَ بيان ۾ اهو الزام به دلچسپ هو ته قطر حوثي باغين جي حمايت ڪري رهيو آهي، جڏهن ساڻن ويڙهه ڪندڙ حوثي مخالف فوجي اتحاد ۾ قطر به شامل آهي.

عرب ملڪ ۽ قطري لاڳاپا:

سعودي ۽ قطر ۾ گذريل ٻن ڏهاڪن کان محبت ۽ نفرت وارا لاڳاپا رهيا آهن. ان جو اظهار پاڻ کي سعودي عرب جي بيان ۾ به ملي ٿو جنهن ۾ چيو ويو هو ته 1955ع کان سعودي ۽ ٻيا برادر اسلامي ملڪ قطر کي چوندا رهيا آهن ته هو ساڻن معاهدن ۽ خاطرين جي پاسداري ڪري. 1955ع ۾ قطر جو اڳوڻو امير حمد الخليفا الثاني پنهنجي پيءُ جو تختو اونڌو ڪري حڪمران بڻيو هو، جيڪو وري 2013ع ۾ پنهنجي پٽ تميم الثاني جي حق ۾ دستبردار ٿيو. حمد پاران اسرائيل سان دوستاڻا لاڳاپا رکڻ واري پاليسي بنيادي طور تي سعودي عرب سان ڇڪتاڻ جو سبب بڻي هئي، پر موجوده بحران جون پاڙون ڪي گهڻو اڳ جو ناهن. 2011ع ۾ عرب اسپرنگ دوران جڏهن ٻيا سعودي ۽ گڏيل عرب امارات بغاوت جي مخالفت ڪئي ته قطر ان جي حمايت ڪندڙ ملڪ هو. قطر نه رڳو مصر، لبيا پر ٻين علائقن ۾ پڻ اخوان السملين ۽ ان سان لاڳاپيل جماعتن جي حمايت ڪندو رهيو. مصر ۾ حسني مبارڪ جو تختو اونڌو ٿيڻ بعد محمد مرسي جي حڪومت کي 10 ارب ڊالرن جي امداد پڻ ڏني، ان جي جواب ۾ وري اخوان السملين جي مخالف سعودي عرب مرسي خلاف بغاوت بعد فتاح السيسي جي حڪومت کي 12 ارب ڊالرن جي امداد ڏني. سعودي حڪمران ان ڳالهه تي به قطر سان ڪاوڙيل هئا ته ڊسمبر 2015ع ۾ ڏکڻ عراق ۾ بازن جي شڪار دوران قطر جي شاهي ڪٽنب جا ماڻهو شدت پسند ويڙهاڪن اغوا ڪري ورتا هئا، جن کي ڇڏائڻ لاءِ قطر هڪ ارب ڊالر جي وڏي رقم ڀنگ طور ادا ڪئي هئي. اهڙي ريت لبيا ۾ معمر قذافي کانپوءِ واري هلندڙ حڪومتي جهيڙي ۾ گڏيل عرب امارات ۽ قطر پراڪسي وار ۾ رڌل آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي ڌڙي جي حمايت ڪري رهيا آهن. شام ۾ باغي ويڙهاڪن جي مختلف ڌڙن جي حمايت جا جيڪي الزام قطر مٿان آهن، ساڳيا ئي سعودي عرب مٿان پڻ آهن، تنهنڪري ان حوالي سان ڪجهه چئي نٿو سگهجي پر ايران توڻي حماس جي حمايت بهرحال سعودي عرب لاءِ ناقابل قبول آهي. سعودي ۽ امارات لاءِ ٻيو وڏو مٿي جو سور الجزيره چينل جي نشريات رهي آهي. ٻئي ملڪ اهو الزام لڳائيندا رهيا آهن ته الجزيره وسيلي اخوان المسلمين جي موقف جي حمايت سان گڏ ٻين خليجي ملڪن جي پاليسين مٿان تنقيد ڪئي وڃي ٿي، هاڻ ته سعودي عرب الجزيره چينل جون مقامي آفيسون به بند ڪري ڇڏيون آهن.

عرب ملڪ قطر کان ڇا ٿا چاهين؟

ٿلهي ليکي عرب ملڪن جا قطر کان جيڪي مطالبا آهن، تن ۾ هو چاهين ٿا ته قطر پنهنجي پرڏيهي پاليسي کي سعودي ايجنڊا سان هم آهنگ ڪري ايران بابت نرم رويو ختم ڪري سخت موقف اختيار ڪري. الجزيره سميت قطري مدد ۽ حمايت سان هلندڙ سمورن ٽي وي چينلس ۽ اخبارن کي بند ڪري، جيڪڏهن نه ته انهن جي پاليسي تبديل ڪري. دوحا ۾ موجود اخوان المسلمين ۽ حماس جي قيادت کي فوري طور تي ملڪ بدر ڪيو وڃي. هاڻي سعودي عرب چاهي ٿو ته جيڪڏهن قطر اهي شرط اڳواٽ قبول ڪري ٿو ته پوءِ پابنديون هٽائي ڳالهين جو سلسلو شروع ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن نه ته پوءِ قطر کي هاڻي جيڪي مشڪلاتون آهن، تن ۾ اڃان ويتر اضافو آندو ويندو. سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن پاران نه رڳو قطر جي بائڪاٽ جو دائرو وڌايو ويندو پر امريڪا سميت ٻين پرڏيهي ڪمپنين کي به قائل ڪيو ويندو ته اهي قطر سان ڪنهن به لهه وچڙ ۾ نه اچن، هينئر به کاڌ خوراڪ جي حوالي سان قطر شديد بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. قطر ايئر ويز جي حوالي سان به شديد مالي مشڪلاتن کي منهن ڏسڻو پوندو، پر قطر کي ان کان به وڏو جهٽڪو 2022ع ۾ ٿيندڙ عالمي فٽبال ورلڊ ڪپ جي حوالي سان اچي سگهي ٿو. جيڪڏهن سعودي عرب امريڪا ۽ ٻين ملڪن سان گڏجي لابنگ ڪئي ته قطر کي عالمي فٽبال ڪپ ڪرائڻ کان به محروم ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ قطر  عرب ملڪن ۾ امير ترين ملڪ آهي، جتي تيل ۽ گيس جا بي پناهه ذخيرا آهن، هو اهي پابنديون برداشت ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو پر ان جو دارومدار عرب ملڪن جي روئي تي آهي ته اهي قطر کي ڪيترو سوڙهو ڪن ٿا. انهن پابندين سان نقصان مصر ۽ امارات جو به ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته مصر، قطر کان 60 سيڪڙو گيس گهرائيندو آهي ته امارات 40 سيڪڙو! عرب ملڪ امريڪا کي به  چئي چڪا آهن ته هو قطر ۾ موجود فوجي اڏو ختم ڪري ۽ اتي موجود 10 هزار فوجي هٽائي ته کيس امارات يا سعودي عرب ۾ جاءِ ڏئي سگهجي ٿي پر امريڪا ان حوالي سان ڪوبه فيصلو نه ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته اسٽريٽجڪ حوالي سان قطر لاءِ امريڪا جو هوائي بيس انتهائي اهم آهي.

جيئن مٿي لکيو آهي ته قطر سان اڳ به سفارتي لاڳاپا ختم ڪيا ويا هئا، پر هي بحران ان کان وڌيڪ سنجيده ۽ خطرناڪ آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ ته ان ۾ وڌيڪ ملڪ شامل آهن ۽ ٻيو ته رڳو سفارتي نه پر معاشي لاڳاپا به ختم ڪيا ويا آهن. ان جو مطلب اهو آهي ته قطر کي گيس جي ايڪسپورٽ ۽ کاڌ خوراڪ جي حصول لاءِ مشڪلاتون پيش اينديون. قطر جي واحد زميني سرحد سعودي عرب سان ملي ٿي ۽ کاڌ خوراڪ جو وڏو حصو انهيءَ رستي ئي قطر ايندو آهي، جيڪا هاڻ بند ڪئي وئي آهي ۽ ماڻهن جو وڏو انگ اڳ ئي کاڌ خوراڪ جون شيون حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان آهي. جيتوڻيڪ ننڍي مدي لاءِ ته قطر مٿان دٻاءُ وجهي سگهجي ٿو پر ڊگهي مدي لاءِ قطر کي عالمي برادري ۾ بنهه اڪيلو ڪرڻ انتهائي مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته قطر جا امريڪا سميت روس، يورپي يونين، علائقائي ملڪن توڻي ترڪي سان بهتر لاڳاپا آهن. ترڪي سان ته سندن دفاعي معاهدو پڻ ٿيل آهي. جيڪڏهن حالتون بنهه خراب ٿيون ته پوءِ قطر ايران جي سرپرستي هيٺ اچي سگهي ٿو. ايران اڳ ئي بحران جي پرامن حل جو خواهشمند آهي ۽ قطر کي کاڌ خوراڪ جي فراهمي جي آڇ پڻ ڪري چڪو آهي. ايران کان قطر تائين سامان جي ترسيل 12 ڪلاڪن ۾ ٿي سگهي ٿي. اها ڳالهه اڃان چٽي ناهي ته آخر قطر کي سوڙهو ڪرڻ پويان سعودي عرب جو حتمي مقصد ڪهڙو آهي؟ رڳو الجزيره، اخوان المسلمين ۽ ايران يا حماس جي حمايت تان هٿ کڻائڻو آهي يا وري قطر جي اندروني  سياست ۾ مداخلت ڪري تميم الثاني کي اقتدار تان هٽائڻو آهي. قطر جو هاڻوڪو امير ۽ سندس پيءُ سعودي عرب جي پاليسين جا مخالف رهيا آهن. سعودي عرب مٿان 1996ع ۾ پڻ قطر جي اندروني معاملن ۾ اهڙي مداخلت جا الزام آهن. ڪجهه تجزئي نگار انهي خيال جا آهن ته سعودي عرب جي اڳواڻي ۾ عرب ملڪن جو تازو فيصلو به انهي پس منظر جي ڪڙي نظر اچي ٿو! 2014ع ۾ عرب ملڪن قطر سان سفارتي لاڳاپا ان شرط تي بحال ڪيا هئا ته هو خليجي تعاون ڪائونسل ۾ شامل ڪنهن به ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪندو پر هن ڀيري لڳي ٿو ته کانئس ڳرا شرط مڃرايا ويندا. ڏسجي ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي.

About Asghar Azad

Check Also

Indus Cascade – a disaster in the making: Dr Hassan Abbas

Share this on WhatsAppIndus Cascade – a disaster in the making: Dr Hassan Abbas The …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *