Friday , April 19 2024

قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ لاءِ ڪمشنر يا ڊي سي کان اجازت وٺڻ لازمي قرار، نه ته ڪارروائي ٿيندي

Animal sjkin

سنڌسماچار جي ڪراچي واري خصوصي عيوضي جي رپورٽ موجب سنڌ حڪومت قرباني جي جانورن جون کلون گڏ ڪرڻ کي لاڳاپيل ڪمشنرز۽ ڊپٽي ڪمشنرز کان باقائده اجازت نامون وٺڻ سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي. گهرو کاتي پاران کلون گڏ ڪرڻ لاءِ جاري ڪيل اخلاقي ضابطي ۾ چيو ويو آهي ته، رجسٽرڊ ٿيل سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمون، عام ڀلائي جا ادارا/اين جي اوز، مدرسا توڙي ٻيون آرگنائيزيشن ئي قرباني جي جانورن جون کلون گڏ ڪري سگهنديون، ڪنهن به پابندي مڙهيل تنظيم يا غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث ماڻهون/ ادارو کلون گڏ نه ڪري سگهندو.

سنڌ جي گهرو کاتي پاران قرباني جي جانورن جون کلون گڏ ڪرڻ لاءِ ضابطي اخلاق جاري ڪيو ويو آهي، ان سان گڏ قلم 144 به لاڳو ڪيو ويو آهي. گهرو کاتي جاري ڪيل اخلاقي ضابطي ۾ چيو آهي ته، رجسٽرڊ ٿيل تنظيمن کانسواءِ ڪابه سياسي، مذهبي تنظيم يا ڪو به ٻيو ادارو / تنظيم کلون گڏ نه ڪري سگهندي. رجسٽڊ ٿيل تنظيمن لاءِ به لازمي هوندو ته اهي قرباني جي جانورن جون کلون گڏ ڪرڻ لاءِ اڳواٽ لاڳاپيل ڪمشنر يا ڊپٽي ڪمشنر کان اجازت نامون وٺڻ لازمي هوندو ان کانسواءِ کلون گڏ نه ڪري سگهبيون.

گهرو کاتي جي جاري ڪيل اخلاقي ضابطي ۾ چيو ويو آهي ته، کلون گڏ ڪرڻ لاءِ پرچيون ورهائڻ، پفليٽ ورهائڻ، بينظر يا پينافليڪس لڳائڻ، لائوڊ اسپيڪر استعمال ڪرڻ ۽ ڪئمپس لڳائڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه هوندي. کلون گڏ گڏ ڪندڙ رضاڪار پاڻ سان گڏ اصلي سڃاڻپ ڪارڊ، کلون گڏ ڪرڻ لاءِ حاصل ڪيل اجازت نامي جي فوٽو ڪاپي ۽ لاڳاپيل اداري جو سڃاڻپ ڪارڊ / اٿارٽي ليٽر هر وقت پاڻ سان گڏ رکڻ به لازمي هوندو. ٻي طرف سنڌ سرڪار عيدالاضحيٰ جي موقعي تي 2 سيپٽمبر کان 4 سيپٽمبر تائين قلم 144 لاڳو ڪندي قرباني وارن جانورن جي کلن لاءِ ڪيمپون هڻڻ ۽ زبردستي کلون وٺڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. سنڌ حڪومت جي گهرو کاتي طرفان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب عيد جي ٽنهي ڏهاڙن تي ڪابه سياسي يا سماجي تنظيم قرباني وارن جانورن جون کلون جمع ڪرڻ لاءِ ڪيمپ نه هڻي سگهندي. ڪنهن کان به زبردستي قرباني واري جانور جي کل نه وٺي سگهبي. صرف اجازت مليل ادارا ئي قرباني جون کلون گڏ ڪري سگهندا. ان سان گڏ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ٽئي ڏينهن ڪنهن به شخص کي هٿيارن جي نمائش جي به اجازت نه هوندي، نوٽيفيڪشن مطابق خلاف ورزي ڪندڙ ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *