Friday , March 29 2024

فيض گنج جي ڳوٺ ننگرخان شر جي اسڪول جو ٺيڪيدار اڳ لڳل نلڪي ۽ فرنيچر سوڌو گم

فيض گنج: ڳوٺ ننگر خان جي عمارت،ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ سبب تباهه – سنڌسماءَچار فوٽو

فيض گنج(رپورٽر  سنڌسماءَچار)  فيض جي ڳوٺ ننگر خان شر جي ڳوٺاڻن کي، اسڪول جي مرمتي ۽ اڏاوتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ جي شڪايت ڳچي پئجي وئي آهي، بااثر ٺيڪيدار اسڪول ۾ اڳ موجود نلڪو، فرنيچر ۽ ٻيو سامان به غائب ڪري ڇڏيو، معصوم شاگرد ۽ شاگردياڻيون پريشان. sindhsamaachar.com جي رپورٽ مطابق ايڊيوڪيشن ورڪس کاتي پاران قديمي ڳوٺ ننگر خان شر جي پرائمري اسڪول جي مرمتي ۽ اڏاوتي ڪم ۾ بااثر ٺيڪيدار پاران ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ سبب اسڪول جي عمارت مضبوط ٿيڻ بدران ڊهڻ لڳي آهي. ڳوٺاڻن پاران جڏهن ٺيڪيدار سان شڪايت ڪئي ته خيرپور ضلعي جي انتهائي بااثر ۽ سياسي پٺڀرائي رکندڙ ٺيڪيدار ڌمڪيون ڏيارڻ شروع ڪيون. اسڪول جي مرمتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ جي نتيجي ۾ اسڪول جي عمارت ۾ ڏار پئجي ويا آهن ۽ شاگردن توڙي استادن جون زندگيون خطري ۾ پئجي ويون آهن. ڳوٺاڻن سنڌسماءَچار جي عيوضي کي ٻڌايو ته، ناقص مٽيريل جي استعمال جون شڪايتون ڪرڻ تي بااثر ٺيڪيدار پاران ڌمڪيون ۽ گٿا لفظ ڳالهائڻ لڳو. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ٺيڪيدار اسڪول ۾ لڳل نلڪو اهو چئي ڪڍيو ته نئون نلڪو لڳائيندو ۽ اسڪول ۾ اڳ موجود فرنيچر کڻائي ويو آهي ۽ ڪجهه بئنچون ڀڃي ڇڏيون آهن، جنهن بابت ٺيڪيدار چيو ته ڪم دوران ڀڄي  پيو آهي ان جي عيوض نئون فرنيچر مهيا ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته بااثر ٺيڪيدار ۽ ايجوڪيش ورڪس کاتي جي سرويئر، سپروائيز جي ملي ڀڳت سان مرمتي ۽ اڏاتي ڪم جا بل اڳواٽ ڪليئر ڪرائي فنڊز ڪڍرائي ڇڏيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *