Friday , April 19 2024

فوجي ڪورٽن جي مدي ۾ واڌ لاءِ حڪومت پاران اپوزيشن کان وٺڻ جي ڪوشش

اسلام آباد( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ لاءِ اپوزيشن کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، وزيراعظم عمران خان اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ شاهه محمود قريشي جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڳالهين واري ڪميٽي مان فواد چوڌري کي اپوزيشن جي مطالبي تي هٽايو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ بچاءَ واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ لاءِ قانون سازي ڪرڻ خاطر وزيراعظم پهريان اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ وفاقي وزير فواد چوڌري جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي هئي، جنهن تي اپوزيشن فواد چوڌري سان ڳالهين کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو هو. خورشيد شاهه چيو هو ته، ڇا به ٿي پوي پر فواد چوڌري سان ڪي بهب ڳالهيون نه ڪنداسين. مخالف ڌر جي اڳواڻن پاران اهڙي فيصلي کانپوءِ وزيراعظم فاود چوڌري کي ڪميٽي مان خارج ڪري شاهه محمود قريشي ۽ پرويز خٽڪ جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *