Friday , March 29 2024

فسادين کي خلا ۾ منتقل ڪيو ويو ته ايوان جون حڪومتي بئنچز خالي ٿي ويندو:خورشيد شاهه

اسلام آباد(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان امن پسند آهيون، فسادي نه آهيون، سپارڪو کي چيو ويو ته سياسي فسادين کي خلا ۾ ڇڏيو وڃي، ٻڌو آهي ته سپارڪو 5 سالن جي ڊيٽا گهري ورتي آهي، جيڪڏهن ايئن ٿيو ته سڄو ايوان خالي ٿي ويندو، منهنجو مطالبو آهي ته سپارڪو رڳو ٽن مهينن جي ڊيٽا گهري. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته سپارڪو کي چيو ويو ته فسادين کي خلا ۾ موڪليو وڃي. هن چيو ته اسان امن پسند آهيون، فسادي نه آهيون، ڪجهه ماڻهن جي اعتراض تي بينظير ايئرپورٽ جو نالو تبديل ڪيو ويو. پيپلزپارٽي جي اڳواڻ چيو ته جيستائين جمهوريت هلندي رهندي، تيستائين بينظير ڀٽو جو نالو زندهه رهندو. خورشيد شاهه چيو ته جمهوريت لاءِ اسان ڪوششون جاري رکنداسين، جيستائين جمهوريت رهندي، تيستائين ڀٽو خاندان جو نالو رهندو. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جمهوريت لاءِ روڊ ماڊل هئي، اڳ اسان چوندا هئاسين ته قائداعظم جو پاڪستان ۽ هاڻ چيو پيو وڃي ته نئون پاڪستان. پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ چيو ته  گذريل 5 سالن ۾ فساد ڪندڙن جي اڪثريت هتي ويٺي آهي، اسپيڪر اڄ  چيمبر ۾ گهرايو هو، اپوزيشن ميمبر پهچي ويا. سندس حڪم تي هڪ ڪلاڪ تائين آفيس ۾ انتظار ڪندا رهنداسين. خورشيد شاهه چيو ته اسان کي هٿڪڙيون ناهن پاتل، هاڻ گارين جي سياست نه هلندي. خورشيد شاهه طرفان اسلام آباد ايئرپورٽ جو نالو تبديل ڪري بينظير ڀٽو رکڻ واري مطالبي تي پارلياماني معاملن واري وزير علي محمد خان جواب ڏيندي چيو ته بينظير ڀٽو صاحب کي قومي شهيد سمجهون ٿا.  هن چيو ته، جيڪڏهن بينظير ڀٽو جي سياست کي سمجهڻو آهي ته سندس ڪتاب کي پڙهيو وڃي. علي محمد خان چيو ته پيپلزپارٽي طرفان جيڪو مطالبو آيو آهي، ان تي سنجيدگي سان غور ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *