Friday , March 29 2024

فرزانا کي هيسائڻ جي صوبائي محتسب وٽ ٻڌڻي، ارشد سليم مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيو

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردياڻي فرزانا جمالي کي هيسائڻ واري معاملي جي  عورتن کي هيسائڻ بابت صوبائي محتسب وٽ ٻڌڻي به ٿي. جمعي ڏينهن فرزانا جمالي،  يونيورسٽي جو وي سي ارشد سليم ۽ الزام هيٺ آيل ليڪچرار عامر صوبائي محتسب آڏو پيش، فرزانا جمالي پنهنجي موقف تي قائم رهي. محتسب آڏو وي سي ۽ ليڪچرار مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيو، جنهن تي ٻنهي کي 17 آڪٽوبر تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي.

صوبائي محتسب، شاگردياڻي فرزانه جمالي کي هيسائڻ واري معاملي تي نوابشاهه يونيورسٽي جي وي سي ۽ ليڪچرار کي 17 آڪٽوبر تائين تفصيلي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ عورتن کي هيسائڻ بابت صوبائي محتسب وٽ، نوابشاهه جي شهيد بينظير يونيورسٽي جي شاگردياڻي فرزانه جمالي کي هيسائڻ واري معاملي تي ٻڌڻي ڪئي. نوابشاهه يونيورسٽي جي وي سي ۽ ليڪچرار سميت فرزانه جمالي پنهنجي والدين سوڌو صوبائي محتسب آڏو پيش ٿي. فرزانه جمالي عورتن کي هيسائڻ وارن معاملن بابت صوبائي محتسب آڏو بيان ڏنو ته هو هيسائڻ واري معاملي تي قائم آهي، جڏهن ته کيس ڌمڪيون به ملي رهيون آهن. وي سي ۽ ليڪچرار جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي، جنهن تي صوبائي محتسب کين 17 آڪٽوبر تائين تفصيلي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

نوابشاهه جي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردياڻي فرزانه جمالي سنڌ اسيمبلي پهچي انصاف جي اپيل ڪئي، حليم عادل شيخ ۽ نصرت سحر عباسي چيو آهي ته سنڌ جون نياڻيون انصاف لاءِ دربدر آهن، پر سنڌ سرڪار تماشائي بڻيل آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ شاگردياڻي فرزانه جمالي سان گڏ سنڌ اسيمبلي پهتو، جتي فرزانه جمالي چيو ته هو انصاف لاءِ اسيمبلي آئي آهي. فرزانه جمالي چيو ته کيس ڊپ مان ننڊ نٿي اچي، حراسان ڪندڙ شخص کيس اڃا به ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. اسيمبلي ٻاهران پريس ڪانفرنس ڪندي حليم عادل شيخ چيو ته فرزانه جمالي انصاف لاءِ اسيمبلي پهتي آهي، کيس انصاف ڏيارڻ لاءِ وسان نه گهٽايو ويندو. ان موقعي تي نصرت سحر عباسي ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته نائلا رند کي به انصاف نه مليو ۽ هن حياتي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. هن چيو ته، سنڌ جون نياڻيون انصاف لاءِ دربدر آهن، پر صوبائي حڪومت توڙي ٻين لاڳاپيل ڌرين جي ڪن تي جونءَ ئي نٿي سري.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *