Friday , March 29 2024

عوام لاءِ تعليم، صحت ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪري ڏيڻ زندگي جو مقصد آهي: پي ايس 28 جو آزاد اميدوار نثار شر

ٺري ميرواهه( رپورٽر  سنڌسماءَچار) صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 28 جي آزاد اميدوار نثار احمد شر چونڊ مهم تيز ڪري ڇڏي آهي، تڪ جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ۽ در در وڃي مهم دوران ڳالهائيندي نثار شر چيو آهي ته، ٺري ميرواهه جي عوام لاءِ بهترين تعليم، مفت صحت ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪري ڏيڻ سندس زندگي جو مقصد آهي، تڪ جي عوام تي هميشه ٻاهريان ماڻهون ٿاڦيا ويا آهن، هاڻي ڪنهن عوام انهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. تڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي پي ايس 28 جي آزاد اميدوار نثار احمد شر چيو ته، سمورين سياسي پارٽين پاران هر ڀيري دلاسا ڏئي ووٽ ورتا ويا پر تڪ جي ماڻهن کي بهتر صحت، تعليم سميت بنيادي انساني سهولتون به مهيا  ناهن ڪيون. هن چيو ته 40 سالن کان تڪ جي عوام کي پنهنجو غلام سمجهندڙ ياد رکن ته هاڻي کين پرچين ۽ نياپن تي ووٽ نه ملندو. نثار شر جو چوڻ هو ته، 25 جولاءِ تي سندس مخالف کي خبر پئجي ويندي ته عوام ڪيترو سجاڳ آهي.

نثار  شر جو چوڻ هو ته ٺري ميرواهه تاريخي حيثيت رکندڙ تعلقو رهو آهي، سب ڊويز جي حيثيت جي باوجود صحت، تعليم، زرعي شعبي ۾ بهتر منصوبابندي نه هجڻ سميت ڪي به بنيادي سهولتون ۽ ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪنهن به پارٽي ناهي سوچيو. بيروزگار نوجوانن کي روزگار مهيا ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي وري بيروزگار نوجوانن لاءِ ڪي هنري سکيا جون سهولتون مهيا ڪري کين غيرسرڪاري ادارن ۽ پرڏيهه ۾ روزگار مهيا ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به ناهي سوچيو. پي ايس 28 جي آزاد اميدوار نثار احمد شر جو چوڻ هو ته هر ڀيري ووٽ وٺڻ لاءِ ماڻهن کي سکڻا دلاسا ڏئي ووٽ ورتا ويا پر هاڻي ائين نه ٿيندو. 25 جولاءِ تي مفاد پرست ٽولي کي تاريخي شڪست ملندي ۽ عوام ٻڪري تي ٺپو هڻي پنهنجي تڪ جي قسمت تبديل ڪندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *