Tuesday , April 23 2024

عمران خان کي آخر ڪيستائين آڱر کان وٺي حڪومت هلرائي ويندي؟

پشاور (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) جي يو آءِ سربراهه مولانا مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته چين پاڪستان جو بهتري دوست آهي، جيڪو 50 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي پر نااهل حڪمران ان کي تباهه ڪري رهيا آهن. فضل الرحمان جي يو آءِ جي مجلس عامله جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، حڪمران چين جهڙي دوست ملڪ کي ڪاوڙائي اسرائيل کي تسليم ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهن. ملڪ جي نظرياتي سڃاڻپ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن جي دوري تي اڳ آرمي چيف کي وڃڻ گهرجي ها. فضل الرحمان سوال ڪندي چيو ته آخرڪار ڪيسيتائين عمران خان کي آڱر کان وٺي حڪومت هلرائي ويندي. سندس چوڻ هو ته اسان سياسي پارٽين کي چيو اسيمبلين ۾ ناهي وڃڻو، سينيٽ چيئرمين جي تبديلي جو مطالبو اسان جو آهي، جيڪڏهن صورتحال ساڳي رهي ته ملڪ جو مستقبل اونداهو نظر اچي رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *