Friday , March 29 2024

عبدالله ڳوٺ ۾ گهر اندر ڦر دوران مزاحمت تي فيض گنج واسي نوجوان قتل

عبدالله ڳوٺ ۾ گهر اندر ڦر دپران مزاحمت تي فيض گنج واسي نوجوان قتل

ملير ( رپورٽر  سنڌسماءَچار) عبدالالله ڳوٺ ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪيل نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيا، پوليس خاموش تماشائي بڻيل، فيض گنج واسي نوجوان جوان جو مڙهه کڻڻ لاءِ ڪراچي ويندڙ گهر ڀاتين جي گاڏي سان حادثو 3 ڄڻا فوت. ڪراچي جي سنڌي وسندي عبدالله ڳوٺ واسي ڊاڪٽر مشتاق شر جي گهر اندر مان جوابدارن پاران ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن فائرنگ ڪري نوجوان زين شر کي قتل ڪرڻ بعد آساني سان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. مارجي ويل نوجوان زين شر جي وارثن جو چوڻ آهي ته، ڇنڇر ڏينهن صبح جو سوير جوابدارن گهر ۾ داخل ٿي ڦر جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران زين ۽ ٻين گهر ڀاتين مزاحمت ڪئي. گهر ڀاتين جي مزاحمت دوران ڦورن سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر مشتاق شر جو پٽ زين شر ٿڏي تي مارجي ويو. هٿياربند ڦورو فائرنگ ڪندا ڀڄي ويا. متاثرن ۽ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته واقعي جي فوري بعد پوليس کي اطلاع ڪيو ويو پر حد جي ٿاڻي جي پوليس واقعي جي هڪ ڪلاڪ کانپوءِ پهتي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *