Thursday , April 18 2024

عالمي معاشي جنگ آمريڪا جا ڏکيا ڏينهن شروع ٿي ويا

ڪراچي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) عالمي معاشي طاقت جو تواز تبديل ٿيڻ وارو آهي، چين معاشي طاقت ۾ سپر پاور آمريڪا کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي، آمريڪا معاشي حيثيت برقر رکڻ نه رڳو ڏکيو پر ناممڪن بڻجندو پيو وڃي. هڪ معاشي تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته چين ايندڙ سال يعني 2020 ۾ عالمي معاشي طاقت جو توازن پنهنجي حق ۾ ڪري ويندو. اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بينڪ پنهنجي هڪ تحقيق ۾ چيو آهي ته، آمريڪا کي هن وقت دنيا جي معاشي سپر پاور هئڻ جو اعزاز حاصل آهي پر هڪ سال کانپوءِ هو معاشي طور سپر پاور ملڪ نه رهي سگهندو ۽ جڏهن ايئن ٿي ويندو ته پوءِ هو ٻيهر ڪڏهن به پهرين پوزيشن تي اچي نه سگهندو. اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بينڪ جو چوڻ آهي ته چين 2020 ۾ آمريڪا کان دنيان جي سڀ کان وڏي معيشت وارو اعزاز کسي وٺندو. اها تحقيق جي ڊي پي ۽ سامان خريد ڪرڻ واري طاقت واري پيماني کي نظر ۾ رکندي ڪئي آهي. تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيڪڏهن خريد جي طاقت بابت ڳالهه ڪئي وڃي ته ان لحاظ سان چين کي اڳ ئي دنيا جي سب کان وڏي معيشت تصور ڪيو ويندو آهي پر جي ڊي پي جي لحاظ سان آمريڪا کي هميشه سبقت حاصل آهي. تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سال 2020 ۾ چين پهرين نمبر تي اچي ويندو ۽ پوءِ 2030 تائين ڀارت آمريڪا کي پوئتي ڇڏيندي ٻي وڏي معاشي طاقت بڻجي ويندو.

رپورٽ ۾  چيو ويو آهي ته ايندڙ ڏهاڪي ۾ ڀارت جو ساليانو جي ڊي پي جو شرح نمو 6 سيڪڙو کان وڌي لڳ ڀڳ 8 سيڪڙو ٿي ويندو. مجموطي طور تي ايندڙ ڏهاڪي ۾ ايشيا جا ملڪ اقتصادي طور تي طاقتور ملڪ ٿي اڀرندا. تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊگهي وقت تائين شرح نمو جي اڳڪٿي بابت هڪ عنصر اهميت رکي ٿو ته جيڪي ملڪ عالمي جي ڊي پي ۾ حصو وجهن ٿا اهي لاڳيتو پنهنجو حصو عالمي آبادي جي تناسب سان بدلائي ڇڏيندا ۽ اهڙي طرح وڏي معيشت جي صورت ۾ اڀري سامهون ايندا. 2030  تائين ايشيائي جي ڊي پي عالمي جي ڊي پي جي لڳ ڀڳ 35 سيڪڙو حصي تائين پهچي ويندي جيڪا گذريل سال 28 سيڪڙو هئي ۽ 2010 ۾ 20 سيڪڙو هئي. مجموطي طور تي ايشيائي جي ڊي پي آمريڪا ۽ يورو زون جي برابر ٿي ويندي جنهن جي نتيجي ۾ 2030 تائين 10 وڏين معيشتن مان 6 جو تعلق ايشيا سان هوندو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *