Tuesday , April 23 2024

صرف مئي مهيني جا 21 ڏينهن ۽ عيد جي خريداري، 32 هزار ماڻهو ڪرونا ۾ وٺجي ويا

ڏهين جون تائين ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن جو انگ 70 هزارن کان وڌي ويندو:طبي ماهر

 ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران عيد جي خريداري لاءِ لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪرڻ جو حڪم کانپوءِ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن ۾ تيزي سان اضافو ٿيڻ لڳو، صرف مئي مهيني جي 21 ڏينهن دوران سنڌ سميت ملڪ 32 هزار ماڻهو ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي. فيبروري جي مهيني ۾ ڪراچي ۾ ڪرونا وائرس جي پهرين مريض  جي تصديق ٿي هئي، جنهن بعد فيبروري مارچ ۾ سنڌ حڪومت پاران  لاڪ ڊائون لڳايو ويو، جنهن بعد ٻين صوبن به ڪرونا جي روٿام لاءِ لاڪ ڊائون لڳايو ويو هو. وفاقي حڪومت پاران سمارٽ لاڪ ڊائون جو اعلان ڪرڻ ۽ سپريم ڪورٽ پاران  هلندڙ مهيني دوران ماڻهن جي عيد شاپنگ ڪرڻ ۽ واپارين کي نقصان ٿيڻ جو جواز ڄاڻائي شاپنگ مالز ۽ ننڍيون وڏيون بازارون کولڻ جي اجازت ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو.

ملڪ ۾ مئي مهيني جي صرف 21 ڏينهن دوران سرڪاري انگن اکرن مطابق ڪرونا جا 32 هزارن کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ صرف 21 ڏينهن دوران 667 ماڻهو ڪرونا وائرس وگهي حياتيون وڃائي ويٺا آهن. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته، ڪرونا وائرس جي مريضن جو انگ اڃا تيزي سان وڌندو، جيڪو عيد دوران خاص طور تي ايندڙ هفتي اربع ۽ خميس کان منظر تي ايندو؛ ماهرن موجب هڪ اندازي مطابق 31هين مئي تائين ڪرونا وائرس جي وبا ۾ مبتلا ٿيندڙ مريضن جو انگ 70 هزارن کان وڌي سگهي ٿو ۽ فوتگين جو تناسب به تيزي سان وڌندو، فوتگين جي شرح وڌڻ جو مک ڪارڻ ماڻهن جي عيد تي ڳوٺن ڏانهن وڃڻ آحي، جتي صحت جي سهولتن جي اڳ ئي کوٽ آهي ۽ ماڻهن ۾ وائرس جي ڦهلاءِ ۽ نقصان جي سلسلي ۾ لاپرواهي وڌيڪ آهي.

سرڪاري انگن اکرن مطابق مارچ مهيني دوران وائرس متاثرن جو انگ اڍائي هزارن جي لڳ ڀڳ هو جيڪو اپريل جي 30 هين تاريخ تائين تقريبن 17 هزار ٿي ويو، ۽ فوتين جو انگ 385 ٿي ويو هو. مريضن جي سرڪاري انگن اکرن ۾ هن 22 هين مئي تائين پاڪستان ۾ ڪرونا متاثرن جو مجموعي انگ 52 هزار کان وڌي ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *