Thursday , April 18 2024

شگرملز مافيا؛ هارين ۽ آبادگارن سان ڪمند جي خريداري ۾ به فراڊ ڪيو: شهزاد اڪبر جي دعويٰ

ملز مالڪ سادين پرچين تي خريداري 140 رپين کان به گهٽ اگهه تي ڪري رڪارڊ ۾ وڌيڪ اگهه ڏيکارين ٿا: شهزاد اڪبر

ڪمند وزن ۾ به 15 کان 30 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي ۽ فائدو ملز مالڪ حاصل ڪن ٿا: رپورٽ

اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌ سماءَچار) کنڊ ڪميشن جي جاچ رپورٽ ۾ شگر ملز مافيا پاران آبادگارن، ننڍن کاتيدارن توڙي هارين سان ڪمند جي خريداري ۾ هيراڦيري جو به انڪشاف ٿيو آهي، ايف آءِ جي کنڊ جاچ ڪميشن ۾ پهريون ڀيرو هڪ اداري پاران رڪارڊ تي ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ويو آهي ته، شگرملز مالڪ ڪمند جي خريداري سستي اگهه تي ڪري حڪومتي ادارن آڏو رڪارڊ ڪمند جي خريداري 40 کان 70 سيڪڙو وڌيڪ ڏيکاري ويندي آهي. جاچ ڪميشن جي رپورٽ بابت پريس ڪانفرن ڪندي شحزاد اڪبر چيو ته، رپورٽ ۾ واضح طور ڄاڻايو ويو آهي ته، ڪهڙي نموني سان ڪاروباري طبقي  شگر انڊسٽريز جي شعبي تي قبضو ڪيو ويو آهي، ريگيوليٽرز به ان ۾ برابر جا شريڪ آهن ۽ اهي سڀ سڄو بار عوام تي وجهي رهيا آهن. هن چيو ته ڪمند جي خريداري کان وٺي کنڊ جي تياري، بازار ۾ پهچائڻ، وڪري ۽ ان جي روانگي واپار سميت ان سان لاڳاپيل سموري واپار جو ذڪر هن رپورٽ ڪيل آهي.

شهزاد اڪبر چيو ته، رپورٽ ۾ ان ڳالهه جو به انڪشاف ٿيو آهي ته شگر ملز مالڪ آبادگارن، ننڍن کاتيدارن ۽ هارين کان ڪمند سستي اگهه تي خريد ڪندا آهن ۽ رڪارڊ ۾ وري اها وڌيڪ ظاهر ڪئي ويندي آهي. شهزاد اڪبر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، گذريل ڪجهه سالن سالن کان 2019 تائين جي ڪمند جي خريداري جو جائزو وٺڻ سان خبر پئي ته آبادگارن کان ڪمند جي جي في مڻ خريداري 140 رپين کان به گهٽ اگهه تي خريد ڪيو ويو، جاچ ڪميشن ٺهڻ کانپوءِ ان جي اگهه ۾ ڪجهه واڌ ٿي ته ان جو کنڊ جي وڌيڪ اگهه تي ڪو به اثر نه ٿيو. شگرملز مالڪ ڪمند جي وزن ۾ به 15 کان 30 سيڪڙو ڪٽوتي ڪندا آهن، جيڪا ڄاڻ جاچ دوران آبادگارن، ننڍن کاتيدارن ۽ هارين کان پئي، جنهن جو سڌو فائدو شگرملز مالڪن کي پوندو آهي، ڪمند جي خريداري سادي ڪاغذ جي پرچين يا اهڙين رسيدن تي ڪئي ويندي آهي جنهن جو وري رڪارڊ ۾ ڪو به ثبوت ناهي هوندو،  سادي پرچي تي ڪمند جي خريداري في مڻ  140 رپين کان به گهٽ ٿيل هجڻ جو انڪشاف ٿيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *