Friday , March 29 2024

شهيد صحافي ذوالفقار مندراڻي جي والد اصل قاتلن بابت ٻڌائي ڇڏيو

شهيد صحافي پٽ کي پوليس اهلڪار ممتاز دايو، اڪبر، امام شاهه ۽ غلام علي دايو قتل ڪيو: ذوالفقار مندراڻي جو والد

جيڪب آباد( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) جيڪب آباد جي دوداپور واري علائقي ۾ هٿياربندن هٿان شهيد ڪيل صحافي جي والد، پوليس پاران ذوالفقار مندراڻي جي قتل جي الزام هيٺ حراست ۾ ورتل ٻن جوابدارن کي پوليس جو ڊرامو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. شهيد صحافي جي والد رحيم جان مندراڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پوليس ڪيس داخل ٿيڻ ۽ جاچ کان اڳ ئي ڪيس لوڙهڻ لاءِ معاملي کي ڪارنهن جو رنگ ڏيڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي. پوليس پاران جوابددار ڌر جي ٻن ماڻحن رياض دايو ۽ امير بخش دايو کي گرفتار ڪرڻ واري دعويٰ به ڪيس لوڙهڻ جي سازش جو حصو آهي، روزاني ڪوشش جي شهيد رپورٽر ذوالفقار مندراڻي جي والد رحيم جان مندراڻي چيو آهي ته پوليس پٽ جو خون کي لوڙهڻ لاءِ جوابدار ڄاڻايلن جو لاڪ اپ مان پوليس اهلڪارن جي مدد سان اعترافي وڊيو بيان رڪارڊ ڪرائڻ به سازش جو حصو آهي. هن چيو ته جوابدار ڄاڻايل ٻئي ڄڻا اصل قاتل ن اهن پر شهيد صحافي پٽ جا اصل قاتل امام شاهه، پوليس اهلڪار ممتاز دايو، اڪبر دايو ۽ غلام علي دايو آهن جن منهنجي پٽ کي ناحق قتل ڪيو، پوليس معاملي کي ڪارنهن جو رنگ ڏئي اصل قاتلن کي بچائڻ چاهي ٿي.

ٻئي پاسي روزاني ڪوشش دوداپور جي رپورٽر ذوالفقار مندراڻي جي قتل خلاف مختلف شهرن ۾ صحافين پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا،گهوٽڪي، ميهڙ، ڳڙهي خيرو، قاضي احمد، ڄامشورو، ٻانڌي، فريد آباد ۽ سيتا روڊ سميت مختلف شهرن ۾ صحافين پريس ڪلبن آڏو احتجاجي مظاهرا ڪيا، جيڪب آباد سميت سڄي سنڌ جي صحافين پاران شهيد ذوالفقار مندراڻي جا اصل قاتل گرفتار ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر احتجاج ڪيو ويندو.

سنڌ ۾ هڪ وڌيڪ صحافي گولين جي  بک بڻايو ويو

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *