Saturday , April 20 2024

سڪون سان ويٺا آهيون، راولپنڊي جو موسم تبديل ٿئي پئي: آصف زرداري

مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي ۾ شرڪت جو فيصلو بلاول کي ڪرڻو آهي، راولپنڊي جو موسم تبديل ٿئي پئي: آصف زرداري

اسلام آباد (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ)  ڪرپشن الزامن هيٺ گرفتار اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته، راولپنڊي جي جي موسم تبديل ٿي رهي آهي، اسان سڪون هو سڪون سان ويٺا آهيون، اسللام آباد احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي آصف زرداري چيو ته، حڪومت مراد علي شاهه سوڌو جنهن کي به گرفتار ڪرڻ گهري ٿي، گرفتار ڪري، حڪومت سڀني کي گرفتار ڪري پنهنجو شوق پورو ڪري. کين پروڊڪشن آرڊرز جي ضرورت نه آهي. مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي ۾ شرڪت واري سوال تي آصف زرداري چيو ته، مان جيل ۾ آهي، ڌرڻي ۾  شرڪت جي حوالي سان فيصلو بلاول صاحب ڪندو. هڪ صحافي پاران راولپنڊي جي موسم بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته، اڄڪلهه برسات ٿي رهي آهي، پنڊي ۾ به موسم تبديل ٿي رهي آهي. ضمانت درخواستن جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي آصف زرداري چيو ته ضمانتون ڪرائڻ جو ڪوبه فائدو نه آهي، هو سُڪون سان ويٺا آهن، حڪمرانن کي پنهنجا شوق پورا ڪرڻ ڏيو.

”فاطمه ڀٽو! پنهنجي شامي ماءُ جو وات بند ڪراءِ نه ته سندس رهيل سهيل عزت به مٽي ۾ ملي ويندس“: بلاول هائوس جو ترجمان جميل سومرو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *