Saturday , April 20 2024

سکر واسي واپاري ۽ خيرپور چئمبر آف ڪامرس جو اڳواڻ قتل، واپارين جو احتجاج

خيرپور( خاص نمائندو   سنڌسماچار) سکر واسي کارڪن جي واپاري راجا ڪشن چند کي اڻسڃاتل جوابدارن قتل ڪري ڇڏيو، لاش ايس ايس پي هائوس خيرپور جي ڀرسان هٿ، واپارين ۽ شهرين جو ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڌرڻو. جمعي ۽ ڇنڇر جي وچئين رات دير سان ايس ايس پي هائوس خيرپور ويجهو مشهور واپاري راجا ڪشن چند جو گوليون لڳل لاش سندس ئي ڪار مان مليو، اطلاع ملڻ تي پوليس لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو واپاري جي قتل جي خبر خيرپور ۽ سکر ۾ جهنگ جي باهه جيان پکڙجي وئي، ڪشن چند جو لاش ملڻ جي اطلاع تي سندس وارث، خيرپور چئمبر آف ڪامرس جا واپاري، روهڙي کجور بازار جي واپارين سميت وڏي انگ ۾ شهري سول اسپتال پهچي ويا. جنهن بعد واپارين توڙي مارجي ويل واپاري جي وارثن قتل خلاف ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين لڳل ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته قتل واري واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. ياد هجي ته ڪجهه ڏينهن اڳ مارجي ويل واپاري جي سئوٽ ماڻڪ مل تي به اڻڄاتل هٿياربندن سکر ۾ قاتلاڻو حملو ڪيو هو، فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ سخت زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي مرڻينگ حالت ۾ ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي اڃا تائين سندس علاج هلندڙ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *