Friday , March 29 2024

سپريم ڪورٽ ٿر ۾ ڊاڪٽرن جي مقررين بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي

اسلام آباد(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سُپريم ڪورٽ ٿر ۾ ٻارن جي فوت ٿيڻ واري معاملي تي سنڌ سرڪار کي ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ٿر ۾ ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي مقررين بابت مڪمل تفصيل طلب ڪندي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٿر پارڪر جي سربراهي  ۾ ڪميشن جوڙي ڇڏي آهي، جسٽس سجاد علي شاهه رمارڪس ۾ چيو آهي ته، سنڌ سرڪار چوي ٿي ته ڊاڪٽرز ٿر وڃڻ لاءِ تيار آهن، پوءِ جايون خالي ڇو آهن؟ جن ڊاڪٽرن ٿر وڃن کان انڪار ڪيو، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، اي جي سنڌ چيو آهي ته ٿر جي اسپتالن ۾ چئن سالن کان 70جايون خالي آهن، ڊاڪٽرز پُٺتي پيل علائقن ۾وڃڻ لاءِ تيار نه آهن، ٽن ڏينهن ۾فهرست جمع ڪرائينداسين. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ٿر ۾ 400 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ بابت ورتل پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ طرفان ڪميٽي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته خوراڪ جي کوٽ ۽ علاج جي سهولتن سميت ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته خوراڪ جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ لاءِ پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آهي. عدالتي معاون فيصل صديقي چيو ته گذريل پنجن سالن دوران هي پنجين رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي، اصل مسئلو رپورٽ تي عدالتي معاون جو آهي. عدالتي معاون چيو ته ٿر جي اسپتالن جو ڪو به حال نه آهي، جنهن تي سنڌ سرڪار جي وڪيل چيو ته ٿر ۾ مقرر ٿيل ڊاڪٽرن کي خصوصي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. سنڌ سرڪار جي وڪيل چيو ته ڏيڍ کان اڍائي ارب رپين جو اضافي پيڪيج ڊاڪٽرز کي ڏنو پيو وڃي. عدالت ناڻي واري صوبائي سيڪريٽري کان پڇا ڪئي ته ڪهڙي قانون تحت ايڏو ڳرو معاوضو ڏنو پيو وڃي.

جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته ڇا انهيءَ مقصد لاءِ خصوصي بجيٽ جاري ڪئي وئي؟ جنهن تي ناڻي واري صوبائي سيڪريٽري چيو ته  سنڌ سرڪار طرفان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪيترن ڊاڪٽرن کي ٿر موڪليو ويو ۽ ڪيترن انڪارڪيو، انڪار ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، جيڪڏهن ڪلارڪ حڪم نه مڃي ته ان کي نوڪري مان ڪڍڻ جي ڌمڪي ڏني ويندي آهي. جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته 2016ع ۾ سنڌ حڪومت مرضي موجب ڪميشن بڻايو، جنهن جا نتيجا هن وقت تائين نه اچي سگهيا آهن. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته مڪمل ۽ تفصيلي جواب داخل ڪرڻ لاءِ ٽن ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي، ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽرز جي سهولتن ۾ واڌ بعد صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي. عدالت ٿر ۾ ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي مقررين بابت مڪمل تفصيل طلب ڪندي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٿر پارڪر جي سربراهي  ۾ ڪميشن جوڙي ڇڏي. عدالت چيو ته ڪميشن ٿر ۾ خوراڪ، پاڻي سميت ٻين سهولتن جي فراهمي بابت پندرنهن ڏينهن ۾ جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪندي.عدالتي معاون چيو ته قرض نه ڏيڻ سبب آپگهات جا واقعا پيش اچن ٿا. عدالت اسٽيٽ بينڪ کان ٿر جي رهواسين جي قرضن بابت تفصيل طلب ڪندي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *